روزانه ڪاوش

بيجنگ اولمپڪس جي اختتام تي 200 ملين کان وڌيڪ اولمپڪس جون يادگار شيون نيلام ڪيون وينديون

بيجنگ(اسپورٽس ڊيسڪ) چين ۾ 8 آگسٽ کان شرع ٿيندڙ بيجنگ اولپمڪس جي اختتام تي 200 ملين کان وڌيڪ اولمپڪس جون يادگار شيون نيلاميءَ لاءِ رکيون وينديون، بيجنگ اولمپڪس جي آرگنائيزر کي اميد آهي ته هو ايونٽ کانپوءِ  200 ملين کان وڌيڪ يادگار شين جي نيلاميءَ مان  146 ملين ڊالرز ڪمائيندا. ان ۾ فرنيچر، لائيٽون، راندين جو سامان ۽ ٻيو شيون شامل هونديون.