|
بالي ووڊ جي فلمن ۾ڪم ڪرڻ
جو ڪو ارادو ناهي:وسيم اڪرم
ممبئي
(اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستان جي اڳوڻي ڪپتان ۽ ليجنڊ بالر وسيم اڪرم
چيو آهي ته سندس بالي ووڊ جي فلمن ۾ ڪم ڪرڻ جو ڪو امڪان ناهي،
ممبئي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي وسيم اڪرم چيو ته اداڪاري ڏکيو
پروفيشن آهي، هن چيو ته هڪ ڀارتي ڊانس شو ۾ جج طور ڪم ڪرڻ ۾
مزو اچي ٿو، هن وڌيڪ چيو ته شعيب اختر کي ڊانس ڪندي ٽي وي تي
ڏٺو هو، بهترين ڊانس ڪري ٿو. |