روزانه ڪاوش

سنڌ يونيورسٽي ۾ شهيد عبدالنبي بروهي ميموريل ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ شروع

ڄامشورو (پ ر) سنڌ يونيورسٽي ۾ 3 ڏينهن وارو شهيد عبدالنبي بروهي ميموريل  ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ بوائز هاسٽل جي مين گرائونڊ ۾ شروع ٿي ويو آهي، ٽورنامينٽ جو افتتاح يونيورسٽي جي هاسٽل پرووسٽ ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙي ڪيو، ٽورنامينٽ ۾ 10 ٽيمون حصو وٺي رهيون آهن، جنهن ۾ شهيد بينظير ڀٽو انٽرنيشل هاسٽل جون 4 ٽيمون، زيڊ اي ڀٽو هاسٽل، فيڊرل هاسٽل، لعل شهباز هاسٽل، خان بهادر سيد الهندو شاهه هاسٽل ۽ علامه اقبال هاسٽل جون ٽيمون شامل آهن، ٻئي طرف سنڌ يونيورسٽي جي ڊائريڪٽر اسپورٽس (بوائز) جي زير اهتمام منعقد ٿي انٽر ڊپارٽمينٽ بيڊمنٽن ٽورنامينٽ 08-2007ع ۾ سينٽر فار هيلٿ ۽ فزيڪل ايجوڪيشن جي ٽيم پهرين پوزيشن حاصل ڪئي، جڏهن ته سوشل ورڪ ٻي پوزيشن ۽ فيڪلٽي آف فارميسي ٽين پوزيشن حاصل ڪئي.