ڪاوش اسپورٽس- پاڪستان-انگلينڊ ٽه ملڪي ٽورنامينت

انڊين پريميئر ليگ ۾ اڄ ٻه ميچون کيڏيون وينديون

نئين دهلي (اسپورٽس ڊيسڪ) ڀارت ۾ هلندڙ انڊين پريميئر ليگ جي پهرين 20-20 ٽورنامينٽ جون اڄ ٻه ميچون کيڏيون وينديون، پهرين ميچ نئين دهلي ۾ دهلي ڊير ڊيولز ۽ چنائي سپر ڪنگز جي ٽيمن وچ ۾ کيڏي ويندي، اها ميچ پاڪستاني وقت مطابق منجهند جو ساڍي 3 وڳي شروع ٿيندي، جڏهن ته اڄوڪي ٻي ميچ شاهه رخ جي ڪولڪتا نائيٽ رائيڊرز ۽ راهول ڊريوڊ جي قيادت ۾ کيڏندڙ بينگلور رائل چئلنجرز ٽيمن وچ ۾ شام جو ساڍي 7 وڳي ڪولڪتا جي ايڊن گارڊنز گرائونڊ ۾ کيڏي ويندي.