|
محمد آصف جي ڊوپ ٽيسٽ ٻيهر مثبت،2 سال پابندي جو امڪان
ممبئي
(اسپورٽس ڊيسڪ) انڊين پريميئر ليگ جي اختيارين چيو آهي ته
ٽورنامينٽ دوران جنهن رانديگر جي پيشاب جي سيمپل ۾ منع ٿيل
دوائن جا اثر مليا آهن، اهو پاڪستاني فاسٽ بالر محمد آصف آهي،
انڊين پريميئر ليگ طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته انڊين
پريميئر ليگ طرفان تصديق ڪئي ٿي وڃي ته جنهن رانديگر ڊوپنگ
قانون ٽوڙيو آهي اهو فاسٽ بالر محمد آصف آهي، انٽرنيشنل ڪرڪيٽ
ڪائونسل آچر تي ان ڳالهه جي تصديق ڪئي هئي ته ڀارت ۾ ٿيل انڊين
پريميئر ليگ دوران هڪ رانديگر جي پيشاب جي نمونن ۾ منع ٿيل
دوائن جا اثر مليا آهن، آءِ سي سي جي بيان مطابق رانديگرن جون
ٽيسٽون منع ٿيل دوائن جي استعمال کي روڪڻ لاءِ ورلڊ اينٽي
ڊوپنگ ايجنسي ”واڊا“ جي نگراني ۾ ورتيون ويون هيون، آءِ سي سي
ان وقت رانديگر جو نالو ظاهر نه ڪيو هو پر هاڻي آءِ پي ايل
اختيارين محمد آصف جو نالو ورتو آهي، بيان ۾ چيو ويو آهي ته ان
سلسلي ۾ محمد آصف ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کي تحريري طور تي آگاهه
ڪيو ويو آهي، آءِ پي ايل جي ترجمان جاويد اختر چيو ته آصف جي
ٻي ٽيسٽ ورتي ويندي ۽ جيڪڏهن اها به مثبت آئي ته سزا جي فيصلي
جو اختيار 3 رڪني ڪاميٽي وٽ هوندو، جنهن ۾ ڊاڪٽر ڊاڪٽر روي
باپٽ، ڪرڪيٽر سنيل گواسڪر ۽ وڪيل سريش گيتي شامل هوندا، محمد
آصف کي آءِ پي ايل ۾ ساڍن 6 لک ڊالرن ۾ دهلي ڊير ڊيولز ٽيم
لاءِ خريد ڪيو ويو هو، کيس پهرين جون تي دبئي ۾ مبينا منشيات
رکڻ جي الزام ۾ به گرفتار ڪيو ويو هو، مٿس 2 سال ڪرڪيٽ کيڏڻ تي
پابندي جو امڪان پڻ آهي، ’ٻئي طرف محمد آصف چيو آهي ته کيس ڊوپ
ٽيسٽ ڪيس ۾ ملوث ڪرڻ تي سخت حيراني ٿي آهي، جڏهن ته هن پنهنجي
ڪرڪيٽ ڪيريئر دوران ڪابه منع ٿيل دوا استعمال ناهي ڪئي. |