اسلام آباد کان مظرف پيرزادي جي رپورٽ

سکر ۾ ڊراءِ پورٽ ۽ ايڪسپورٽ پروسيسنگ زون قائم نه ٿي سگهيو

سکر (بيورو رپورٽ) وفاقي سرڪار پاران منظور ڪيل سکر ڊراءِ پورٽ ۽ ايڪسپورٽ پروسيسنگ زون جي قيام واري اعلان تي 2 سال گذري وڃڻ جي باوجود عمل نه ٿي سگهيو آهي،  سکر جي ضلعي ناظم سيد ناصر حسين شاهه پاران 6 مهينا کن اڳ ضلعي ڪائونسل جي اجلاس دوران اعلان ڪيو ويو هو ته ڊراءِ پورٽ لاءِ زمين مخصوص ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ريلوي اختيارين کي پڻ ان سلسلي ۾ ضروري انتظام ڪرڻ لاءِ لکيو ويو آهي پر ان تي اڃا سوڌو ڪو به عمل نه ٿي سگهيو آهي، جڏهن ته ايڪسپورٽ پروسيسنگ زون جي حوالي سان به ڪو ترقياتي ڪم شروع نه ڪيو ويو آهي، ان سلسلي ۾ سکر جي صنعت ۽ واپار واري ايوان جي عهديدارن سکر ۽ لاڙڪاڻي ريجن سان تعلق رکندڙ آبادگارن ۽ زميندارن پاران گذريل ڏينهن سکر ۾ ٽريڊ ڊوولپمينٽ اٿارٽي آف پاڪستان جي ڊائريڪٽر جنرل بشير احمد شيخ آڏو سخت احتجاج ڪيو، ان موقعي تي صنعت ۽ واپار واري ايوان جي صدر شڪيل احمد مختيار ۽ آغا قادر داد مارڪيٽ سکر ۽ خيرپور جي کجور مارڪيٽ، سکر ۽ لاڙڪاڻي جي اناج مارڪيٽ جي نمائندن ۽ لاڙڪاڻي ضلعي جي زيتونن جي باغن جي زميندارن ڊائريڪٽر جنرل کي ٻڌايو ته ٻنهي فيصلن تي عمل نه ٿيڻ ڪري اتي سنڌ جا آبادگار، واپاري ۽ صنعتڪار نقصان ۾ آهن، هنن زور ڀريو ته ڊولپمينٽ اٿارٽي جا فيلڊ آفيسر مقرر ڪيا وڃن ۽ ميون ۽ سبزين کي تازو رکڻ ۽ انهن مان مختلف پراڊڪٽ ٺاهڻ لاءِ اسٽور قائم ڪيا وڃن ۽ صنعتون لڳائڻ ۾ مدد ڪئي وڃي، هنن پاران اها پڻ شڪايت ڪئي وئي ته سکر ۽ خيرپور ضلعي ۾ پيدا ٿيندڙ ارب رپين جي ماليت جا ڇوهارا هندستان ۽ ٻين ملڪن ڏانهن موڪلڻ لاءِ پاڪستان ريلوي پاران گهربل گاڏا فراهم نه ٿا ڪيا وڃن جنهن ڪري واپاري ۽ دڪاندار سخت پريشان آهن، ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي جي ڊائريڪٽر جنرل واپارين، صنعتڪارن ۽ آبادگارن کي يقين ڏياريو ته هو سندن مسئلن بابت تفصيلي رپورٽ وفاقي سرڪار، واپار ۽ صنعت واري وزارت ۽ وزيرن کي ڏياري موڪليندو ۽ سندن مسئلا حل ڪرايا ويندا.