اسلام آباد کان مظرف پيرزادي جي رپورٽ

عالمي مارڪيٽ ۾ خام تيل جو في بيرل اگهه 142 ڊالرن جي رڪارڊ سطح تي پهچي ويو

لنڊن (مانيٽرنگ ڊيسڪ) عالمي مارڪيٽ ۾ خام تيل جو في بيرل اگهه 142 ڊالرن جي رڪارڊ سطح تي پهچي ويو آهي، بي بي سي موجب خام تيل جي اگهه ۾ مسلسل اضافي واري رجحان مان اهو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي ته تيل پيدا ڪندڙ ملڪ تيل جي گهربل پيداوار نه ڪري رهيا آهن، هوڏانهن اهو به خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي ته تيل جي اگهن ۾ ويجهڙائي ۾ وڌيڪ اضافي جو امڪان آهي.