اسلام آباد کان مظرف پيرزادي جي رپورٽ

سکر ۾ سارين،ڦٽين ۽ ڪمند جا اگهه گهٽائڻ خلاف مظاهرو

سکر(بيورو رپورٽ) جي يو آءِ پاران سارين، ڦٽين ۽ ڪمند جا اگهه گهٽائڻ خلاف ڪالهه سکر جي گهنٽه گهر چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جنهن جي اڳواڻي مولانا عبيدالله ڀٽو ابن آزاد، مولانا عبدالحق مهر، قاري منير احمد بنگلاڻي ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا، احتجاج ڪندڙن جي هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر هئا، جن تي سرڪار پاران اگهه گهٽائڻ وارن اعلانن کي واپس وٺڻ جي گهر ٿيل هئي، جڏهن ته ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن جي اڳواڻي ڪندڙن خطاب ڪندي چيو ته ڀاڻ زرعي دوائن ۽ ٻڄ جا اگهه ايڏا ته مهانگا آهن ۽ فصلن تي جيڪو خرچ ٿيو آهي سو به نون اگهن ذريعي پورو نه ٿي سگهندو، هنن گهر ڪئي ته فوري طور تي زرعي جنسن جي قيمتن ۾اضافو ڪيو وڃي.

 

 

 

 

The Kawish Group of Publication
B/2 Civil Line  Hyderabad,Sindh Pakistan.
Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525   Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
Email: kawish12@yahoo.com   ----     info@dailykawish.com