اسلام آباد کان مظرف پيرزادي جي رپورٽ |
||||
|
عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمت 90.16 ڊالر في بيرل تائين پهچي وئي سنگاپور (اي پي پي) عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جون قيمتون 90.16 ڊالر في بيرل تائين پهچي ويون، گذريل ڏينهن نيويارڪ لائيٽ سوئيٽ ڪروڊ جي مارچ لاءِ سودن جي قيمت ۾ 55 سينٽ جي گهٽتائي ٿي، جڏهن ته برينٽ نارٿ سي ڪروڊ جا سودا پڻ 50 سينٽ جي گهٽتائيءَ سان 90.40 ڊالر في بيرل ۾ طئي ٿيا، اقتصادي ماهرن چيو آهي ته مارڪيٽ ۾ تيل جي وڌندڙ گهرج کي نظر ۾ رکندي قيمتن ۾ لاهي چاڙهي جو رجحان آهي پر ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ صورتحال بهتر ٿيڻ جو امڪان آهي، هنن چيو ته اوپيڪ ملڪن جو هڪ اهم اجلاس جمعي ڏينهن ويانا ۾ ٿيندو، جيڪڏهن هن اجلاس ۾ تيل جي پيدوار وڌائڻ جو فيصلو ٿي ويو ته اسان کي پڻ مارڪيٽ ۾ تيل جون قيمتون گهٽجڻ جي اُميد آهي. |
||||
|
||||