اسٽيٽ بئنڪ ۾ 60 ورهين دوران 14 مان صرف 2 سنڌي گورنر مقرر ٿيا

ڪراچي:اسٽيٽ بئنڪ جي 60 ورهين جي تاريخ ۾ 14 مان صرف 2 سنڌي ڳالهائيندڙ اسٽيٽ بئنڪ جا گورنر مقرر ٿي سگهيا، جڏهن ته نئون مقرر ٿيل 15 هون گورنر سليم رضا پڻ غير سنڌي آهي، ان کانسواءِ اسٽيٽ بئنڪ جي 2 ڊپٽي گورنرز ۽  34 شعبن جي سربراهن ۾ هڪ به سنڌي کياعليٰ عهدي تي پهچڻ جي سعادت نصيب نه ٿي سگهي آهي،ڪاوش پاران ورتل ڄاڻ موجب اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي 60 ورهين جي تاريخ ۾ هيستائين 14 گورنر مان 2 سنڌي گورنرن کي مقرر ڪيو ويو،جنهن مان هڪ 1978ع کان 1986ع تائين اي جي اين قاضي ۽ هاڻي عهدو ڇڏيندڙ پهرين عورت گورنر ڊاڪٽر شمشاد اختر شامل آهن،جڏهن ته ڊاڪٽر شمشاد اختر حيدرآباد ۾ جنم ورتو،سندس وڏن جو تعلق نوابشاهه سان رهيو،ان کانسواءِ هن ڪراچي ۽ اسلام آباد ۾ تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ گهڻو وقت پرڏيهه ۾ گذاريو،جنهن کي اڳوڻي جنرل پرويز مشرف جنوري 2006ع ۾ ٽن سالن لاءِ اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر مقرر ڪيو پر کيس سنڌي ڳالهائڻ نه ايندي هئي،اسٽيٽ بئنڪ جي ذميوار ذريعن موجب هن وقت به اسٽيٽ بئنڪ جي ٻه ڊپٽي گورنرن ، 8 ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽرز ۽  34 شعبن جي  ڊائريڪٽرن مان هڪ به سنڌي ناهي،اهڙي ريت اسٽيٽ بئنڪ جي اهم عهدن تي سنڌي ڳالهائيندڙ قابل معاشي ماهرن کي موقعو نه ملي سگهيو آهي،جڏهن ته سينيئر جوائنٽ ڊائريڪٽرز جي پوسٽ تي صرف 2 سنڌي آهن،باقي اڪثريت غير سنڌين جي آهي،ذريعن موجب گورنر اسٽيٽ بئنڪ جي وفاقي حڪومت جي سفارش تي صدر سڌي ريت مقرري ڪندو آهي،تنهن ڪري اڄ تائين صرف 2 سنڌي ئي ان عهدي تي پهچي سگهيا،جڏهن ته تازو مقرر ٿيل 15 هين  نئين گورنر سليم رضا  جي وڏن جو تعلق به هندستان آهي،جنهن جو والد ڀارت جي انائو شهر ۾ پيدا ٿيو، هوڏانهن ڪراچي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز جي صدر انجم نثار ڪاوش سان ڳالهائيندي چيو ته اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر ڊاڪٽر شمشاد اختر پنهنجي سخت پاليسين جي ڪري عهدو ڇڏي پئي وڃي پر نئين گورنر مان اسان اميد ٿا ڪريون ته هو پاليسين تي نظرثاني ڪندو،ڇو ته وياج جي شرح وڌائڻ ۽ مالياتي پاليسي کي سخت ڪرڻ سان ملڪ جي معيشت ڪڏهن به پنهنجي پيرن تي نه ٿي بيهي سگهي،هن چيو ته اسان نئين گورنر کان مطالبو ٿا ڪريون ته هو پهرين اچي اسان اسٽيڪ هولڊرز سان گڏجاڻي ڪري،اسان جا مسئلا معلوم ڪري،پوءِ هو پنهنجي نئين پاليسي جوڙي.