اسلام آباد کان مظرف پيرزادي جي رپورٽ

اشوڪ شرما

سنڌ ۾ گذريل 5، 6 سالن جيان هيل به شگر انڊسٽري اختلافن، تڪرارن ۽ بحران جي ور چڙهيل آهي، جنهن ڪري سڌي توڙي اڻ سڌي طرح آبادگارن کي سخت نقصان رسي رهيو آهي، جڏهن ته سرڪار جي بي وسي جو اندازو ان ڳالهه مان به لڳائي سگهجي ٿو ته شگر ملن کي شوڪاز نوٽيس جاري ٿيڻ باوجود ڪو به ان جو جواب ڏيڻ لاءِ تيار ناهي.سنڌ حڪومت هلندڙ سال 09-2008 واري ڪرشنگ سيزن لاءِ في مڻ ڪمند جو اگهه 81 رپيا مقرر ڪيو آهي ۽ شگرملز چالو ٿيڻ جي تاريخ 15 نومبر مقرر ڪئي، جنهن مان ڪرشنگ سيزن واري فيصلي تي ته مڪمل طور عمل ناهي ٿيو باقي ڏسجي ته ڪمند جي اگهه تي ملرز عمل ڪن ٿا يا نه؟ ماضي ۾ اهو چيو ويندو هو ته سنڌ ۾ ڪمند جي ڪرشنگ سيزن جو وقت پهرين آڪٽوبر کان 15 اپريل تائين هوندو آهي، ان حوالي سان هر ڀيري سنڌ حڪومت هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڪرشنگ سيزن جو اعلان ڪندي آهي، پر تاريخ ۾ پهريون ڀيرو موجوده حڪومت آڪٽوبر بدران تقريبن سوا مهينو ليٽ يعني 10 نومبر تي شگر ملون چالو ڪرڻ جو فيصلو ڪندي نوٽيفڪيشن جاري ڪيو، جنهن تي آبادگارن تمام گهڻي هاءِ گهوڙا ڪئي پر ان جو ڪو به نتيجو نه نڪتو، نه رڳو ايترو پر شگر ملن جي مالڪن ان حڪومتي رعايت جو به غلط استعمال ڪيو ۽ ان تاريخ تي به شگر ملون اسٽارٽ نه ٿيون، صوبي ۾ ڪل 31 شگر ملون آهن، پر هن وقت تائين انهن مان 13 شگر ملون اهڙيون آهن جن ڪمند جي پيڙهائي شروع نه ڪئي آهي، انهن شگر ملن جا مالڪ يا ته ناظم ، وزير ۽ اهم شخصيتون آهن يا وري سڌي توڙي اڻ سڌي طرح حڪومتي ماڻهو آهن، جنهن جي ڪري انهن تي ڪو به حڪم توڙي قانون عمل ۾ نه ٿو اچي.دلچسپ ڳالهه اها آهي ته بند پيل شگرملن خلاف تازو سنڌ حڪومت ڪيس داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو، ان سلسلي ۾ سنڌ جي ڪين ڪمشنر لاڳاپيل ڪين انسپيڪٽرن کي اختيار ڏيندي اٿارٽي ليٽر جاري ڪيا هئا، پر انهن تي عمل نه ٿي سگهيو، ان بابت حڪومت جو چوڻ آهي ته ٻه ٽي ڏينهن کانپوءِ ملون هلي ويون هيون، ان ڪري هاڻي ڪيسن جي ضرورت ناهي، پر ذريعن جو چوڻ آهي ته شگر ملن جا مالڪ با اثر هجڻ ڪري مٿان حڪم ٿيو ته ڪيس داخل ڪرائڻ وارا آرڊر واپس ورتا وڃن.  سنڌ ۾ سموريون شگر ملون چالو نه ٿيڻ جي ڪري جتي آبادگارن جو ٻنين ۾ بيٺل تيار ڪمند متاثر ٿي رهيو آهي، اتي ڪمند جي ڪٽائي پڻ شروع نه ٿي سگهي آهي، پرڳڻي جي لاڙ واري پاسي ٽنڊو محمد خان، بدين ۽ ٺٽي ۾ چيو وڃي ٿو ته گذريل سال جي ڀيٽ ۾ هينئر ڪمند جي پوک گهٽ ٿي آهي، ان باوجود انهن ضلعن جون شگر ملون اڃا تائين بند آهن، جنهن ڪري آبادگار ٻڏتر جو شڪار آهن، سنڌ ۾ شگر انڊسٽري بابت فقط هڪ ئي قانون موجود آهي جيڪو پڻ نه هئڻ برابر آهي، زراعت کاتي جي ماتحت ڪين ڪمشنريٽ ڪم ڪري ٿو، جنهن جو سربراهه ڪين ڪمشنر آهي جيڪو  شگر ڪين فيڪٽريز ڪنٽرول ايڪٽ تحت ڪم ڪري ٿو، پر ڏٺو وڃي ته ان قانون ۾ به ڪافي خاميون آهن جنهن ڪري ملرز آرام سان حڪومتي فيصلن جي ڀڃڪڙي ڪن ٿا، هن قانون تحت ڪين ڪمشنر کي شگر ملز چالو نه ٿيڻ، ڪمند جي اگهه تي عمل نه ٿيڻ ۽ رهتون نه ڏيڻ جي صورت ۾ فقط پنهنجي ڪين انسپيڪٽر وسيلي مختيار ڪار جي ڪورٽ ۾ سڌو ڪيس ڪرائي سگهي ٿو، جڏهن ته ڪروڙين رپين جي شگر ملز جو مالڪ يا انتظامي آفيسر چند سئو رپين ۾ ان مان ضمانت ڪرائي وٺندا آهن، جنهن ڪري اهي ڪڏهن به قانون جي جڪڙ ۾ نه ايندا آهن، حڪومت جي اهڙي بي وسي جي ڪري شگر ملرز کي فائدو ۽ آبادگارن کي هر سال نقصان ٿئي ٿو، اهو ئي سبب آهي جو آبادگارن جا شگر ملن تي ڪروڙين رپيا رهتن جي مد ۾ بقايائون آهن، پر حڪومت اها ڏيارڻ ۾ ناڪام وئي آهي، نه رڳو ايترو پر سنڌ حڪومت ڪمند جي في مڻ تي 50 پئسا شگر سيس ڊولپمينٽ فنڊز مختص ڪندي آهي، جنهن مان انهن شگر ملن جي ڀرپاسي ترقياتي ڪم ڪرايا ويندا آهن پر ان سلسلي ۾ به اهڙي صورتحال سامهون آئي آهي، جنهن مان ملرز کي فائدو ڏيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ڇاڪاڻ ته گذريل ارباب رحيم واري حڪومت کانپوءِ جيئن ئي نگران سيٽ اپ آيو ته ان دوران وڏي وزير جي حڪم تي هڪ آرڊر جاري ڪري شگر ملن کي شگر سيس جي ادائيگي ۾ مهلت ڏني وئي ۽ انهن کي اها رعايت ڏني وئي ته اهي شگر سيس ايندڙ سال جمع ڪرائيندا. انهي قدم سان سنڌ حڪومت کي ڪروڙين رپين جو نقصان ٿيو. بهرحال چيو وڃي ٿو ته هن قانون ۾ ترميم لاءِ ڊرافٽ تيار ٿيو آهي جيڪو جائزي لاءِ قانون واري وزارت تائين پهتو آهي، ان جي حتمي شڪل کانپوءِ ان کي منظوري لاءِ اڳتي موڪليو ويندو.  ان کانسواءِ شگر ملون چالو نه ٿيڻ واري معاملي ۾ شگر ملن جي مالڪن واري تنظيم پاران به مختلف بهانا سامهون اچن ٿا. پاسما جو چوڻ آهي ته تازو ملڪ ۾ مهانگائي جي ڪري شگر ملن جا مالڪ ڪريشنگ لاءِ نئين مشينري خريد ڪري نه سگهيا آهن، تنهن ڪري فني معاملن سبب ڪجهه شگر ملون چالو نه ٿي سگهيون آهن، جڏهن ته صورتحال تي نظر رکندڙ حلقن جو چوڻ آهي ته ملرز حڪومت کي بليڪ ميل ڪن پيا ۽ اهي ڄاڻي واڻي شگر ملون نه پيا هلائين. انهن جو خيال آهي ته پرڳڻي ۾ ڪمند جي ڪٽائي عروج تي ناهي، تنهن ڪري ممڪن آهي ته شگر ملون نوڪين جو شڪار ٿي وڃن، ان ڪري اهي ملون چالون ڪرڻ کان لنوائي رهيا آهن. انهن حلقن جو چوڻ آهي ته عيدالاضحيٰ کان فورن پوءِ سڀئي شگر ملون هلي وينديون. هوڏانهن سنڌ جي شگر انڊسٽري ۾ گذريل ڪجهه سالن کان مسلسل بحرانن ۽ حڪومت جي بيوسي جي ڪري آبادگارن جو ڪمند پوکڻ تان ارواهه ئي کڄي ويو آهي، جنهن جو اندازو ان ڳالهه مان به لڳائي سگهجي ٿو ته سنڌ ۾ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ هيل ڪمند 30 کان 40 سيڪڙو تائين گهٽ ٿيو آهي، جنهن جي ڪري آبادگارن کي اگهه ته سٺو ملندو پر امڪان آهي ته ملرز ۾ ڪامپيٽيشن ٿي پوي پر ان صورتحال ۾ به جيڪڏهن حڪومت آبادگارن جو ساٿ نه ڏنو ۽ زوننگ توڙي بروڪر سسٽم کي ٻنجو نه ڏنو ويو ته آبادگارن کي گذريل سال جيان هيل به نقصان ٿي سگهي ٿو. سنڌ ۾ شگر ملون وقت سر نه هلڻ جي ڪري ڪمند جي ڪٽائي شروع نه ٿي ٿئي، جنهن جي ڪري ربيع جي اهم فصل ڪڻڪ جي پوکائي پڻ متاثر ٿئي ٿي، آبادگارن جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ڪڻڪ جي پوکائي لاءِ نومبر وارا ڏينهن مناسب ۽ فائديمند هوندا آهن، پر ڇا ڪاڻ ته اڃا تائين ڪمند جي ڪٽائي شروع نه ٿي آهي تنهنڪري ٻنيون وانديون ناهن ٿيون ۽ ان ڪري ڪڻڪ جي پوک پڻ شروع نه ٿي سگهي آهي، پرڳڻي جي ڪجهه علائقن ۾ ڪڻڪ جي آڳاٽي پوک جاري آهي، پر ان جو ڪو خاطر خواهه فائدو نه ٿيندو، سنڌ حڪومت هيل ماضي جي بحران کي نظر ۾ رکندي وڌيڪ ڪڻڪ اپايو مهم هلائي رهي آهي، ان سلسلي ۾ زراعت کاتي پاران سنڌ کي چار زونن ۾ ورهايو ويو آهي، هر زون ۾ شامل ضلعن اندر سيمينار ڪرايا پيا وڃن، جڏهن ته لکين رپين جي خرچ سان پبلسٽي مهم هلائي پئي وڃي پر وقت سر پوک نه ٿيڻ توڙي پاڻي جي کوٽ جي ڪري اهو خدشو ڏيکاريو پيو وڃي ته هيل به سنڌ ۾ نه رڳو ڪڻڪ جي پوکائي پر پيداواري ۽ خريداري ٽارگيٽ پڻ پورا نه ٿي سگهندا، جنهن ڪري گذريل سال هيل به ڪڻڪ جي معاملي تي تڪرارن ۽ بحرانن جو امڪان آهي. اهڙي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ اڳواٽ حڪمت عملي جي ضرورت آهي.