|
(ق)ليگ پاران پنهنجي سڃاڻپ
قائم رکندي مخالف ڌر ۾ئي رهڻ جو اعلان؛ ملڪ نين چونڊن جي سٽ
برداشت نه ڪري سگهندو:مشاهد
اسلام
آباد (بيورو رپورٽ) مسلم ليگ ق جي صدر چوڌري شجاعت حسين چيو
آهي ته سياست ۾ ملاقاتن جو سلسلو هلندو رهندو آهي پر مسلم
ليگ ق پنهنجي سڃاڻپ قائم رکندي اپوزيشن جي بئنچن تي ئي ويهندي،
اسلام آباد ۾ مسلم ليگ ق جي مشاورتي اجلاس بعد نيوز ڪانفرنس کي
خطاب ڪندي چوڌري شجاعت حسين چيو ته مسلم ليگ ق ملڪ جي مفاد ۾
هر سياسي پارٽي سان گڏ هلڻ لاءِ تيار آهي، مشاهد حسين چيوته
ملڪ نيون چونڊون برداشت نه ٿو ڪري سگهي ۽ نه ئي عوام ان لاءِ
تيار آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ چوڌري شجاعت حسين چيو ته اڪبر
بگٽي قتل ڪيس ۾ واعدي معاف گواهه جي باري ۾ طلال بگٽي جي ڏنل
بيان ۾ ڪا به صداقت ناهي. چوڌري پرويز الاهي چيو ته هن نواز
شريف سان ملاقات ناهي ڪئي.
|