|
سنڌ ۾ وڌيڪ 8 سئو ڳوٺ پڪا ڪرڻ
جو اعلان:ڪالاباغ ڊيم نه ٺهندو:شازيه مري
ڪراچي(بيورو
رپورٽ)سنڌ حڪومت وفاق کان خدمتن تي لاڳو جي ايس ٽي آئين مطابق
صوبن حوالي ڪرڻ توڙي اين ايف سي ايوارڊ جي ورڇ گهڻ رخي اهڃاڻن
تحت ڪرڻ وارو موقف ورجائيندي ٽن صوبائي حڪومتن کي به سنڌ جي
موقف جو ساٿ ڏيڻ جي گذارش ڪئي آهي، جڏهن ته سنڌ حڪومت جي
ترجمان شازيه مري جون 2009ع تائين ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ وڌيڪ
800 ڳوٺ پڪا ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ڪالاباغ ڊيم نه
ٺهندو، صحت ۽ تعليمي مقصدن لاءِ الاٽ ڪيل زمينن جي تبديلي خلاف
قانونسازي ڪئي ويندي ۽ نئين سال دوران سنڌ ۾ اڏيل بلڊنگس جي
باقائدا اسيسمينٽ ڪئي ويندي ته اهي قانون موجب ٺاهيون ويون آهن
يا نه؟ ڪالهه سنڌ اسيمبلي جي ڪاميٽي روم ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي
سڌ سماءَ واري صوبائي وزير شازيه مري چيوته نيشنل فنانس ڪميشن
ايوارڊ سنڌ جو اهم ۽ ڊگهي مدي کان التوا ۾ پيل ڪيس آهي، جنهن
کي آئين ۾ ڏنل مدي اندر حل ڪرڻ ضروري هجي ٿو پر پوئين حڪومت ۾
هي مسئلو حل نه ٿي سگهيو، اسان ان انتظار ۾ آهيون ته اين ايف
سي ايوارڊ جي ورڇ ڪئين ٿيڻ گهرجي ۽ ان جو فارمولا ڇا هجڻ
گهرجي، اسان کي اميد آهي ته اين ايف سي ايوارڊ جو جلد اعلان
ٿيندو، هن چيو ته اسان جو اهو ئي مطالبو آهي ته اين ايف سي
ايوارڊ گهڻ رخي اهڃاڻن تحت ٿيڻ گهرجي، جيڪڏهن صوبا سگهارا
هوندا ته مرڪز به سگهارو ٿيندو، هن چيو ته 91ع واري پاڻي ٺاهه
تي عمل ڪرايو ويندو ۽ 28 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان سنڌ جي بجلي
کان محروم ڳوٺن کي بجلي مهيا ڪئي ويندي، ان بابت نالا حيسڪو کي
اماڻيا ويا آهن، ان کانسواءِ سنڌ ۾ جيڪي بلڊنگس جڙيون آهن تن
جي اسيسمينٽ ڪرائي ويندي ته اهي قانون تحت جڙيون آهن يا نه؟
اها اسيسمينٽ هن سال کان شروع ڪئي ويندي، هن ڪاوش پاران پڇيل
ان سوال ته اوهان ڀلي سنڌ کي جنت بڻائڻ جي ڪوشش ڪريو، پر واپڊا
وارن هن جمهوري حڪومت ۾ ڪالاباغ ڊيم کي مستقبل جي رٿائن ۾ شامل
ڪري ڇڏيو آهي، ڇا واپڊا هن حڪومت کان زور آهي يا ڪو ٻيو مسئلو
آهي؟ جي جواب ۾ هن چيو ته آئون ايترو چونديس ته ڪالاباغ ڊيم نه
ٺهندو، سنڌ جو اڳي به اهو مطالبو هو ۽ هاڻي به اهو ئي آهي، هن
چيو ته ڪراچي ۾ اڳي اهڙا علائقا هوندا هئا جن ۾ ماڻهو وڃي نه
سگهندو هو پر هاڻي اهڙي صورتحال ناهي، جيڪا خوشي جهڙي ڳالهه
آهي، هن چيو ته ڪي اي ايس سي پاران لوڊشيڊنگ واري مسئلي جو وڏي
وزير نوٽيس ورتو آهي، جلد اهو مسئلو حل ٿي ويندو.
|