ٿر جي عوام کي سدائين نظرانداز ڪري ڪوڙا واعدا ڪيا ويا:وڏو وزير

 

ڪراچي (بيورو رپورٽ) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته ضلعي ٿرپارڪر جي ترقي لاءِ عملي اُپاءَ ورتا پيا وڃن ته جيئن اتان جي ماڻهن جا مسئلا حل ٿي سگهن، ڇاڪاڻ ته ٿر جي عوام کي سدائين نظر انداز ڪيو ويو آهي ۽ ساڻس صرف ڪوڙا واعدا ڪيا ويا، هن اها ڳالهه ٿرپارڪر مان آيل پ پ جي عهديدارن ۽ ڪارڪنن جي وفد سان ملاقات ڪندي ڪئي، وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت ٿر پارڪر جي ڪوئلي مان بجلي پيدا ڪرڻ جون ڪوششون ڪري رهي آهي ۽ ان رٿا سان ٿرپارڪر جي نوجوانن کي روزگار ملندو ۽ اتي خوشحالي ايندي، هن ٿر جي نوجوانن کي صلاح ڏني ته هو شهيد بينظير ڀٽو يوٿ ڊولپمينٽ پروگرام وسيلي فني تعليم حاصل ڪن ته جيئن کين بهتر روزگار ملي سگهي.