|
”ممبئي سانحي جون ڪڙيون
ڪراچي سان ملن ٿيون“:ڀارت سڌو الزام مڙهي ڇڏيو:پاڪستان آءِ ايس
آءِ سربراهه کي ڀارت موڪلڻ واري درخواست قبولي ورتي
اسلام
آباد(رپورٽ: قربان بلوچ) ڀارت ممبئي دهشتگرد سانحي کي ابتدائي
مرحلي ۾ ڪراچي سان ڳنڍي پاڪستان مٿان سڌو الزام مڙهي ڇڏيو،
شاهدين جي مٽاسٽا لاءِ آءِ ايس آءِ سربراهه کي ڀارت موڪلڻ جي
درخواست، پاڪستان آءِ ايس آءِ سربراهه کي موڪلڻ بابت ڀارتي
درخواست قبول ڪري ورتي، جنرل احمد شجاع پاشا کي ڀارت جي دوري
جي هدايت، صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني
ڀارتي وزيراعظم ڊاڪٽر من موهن سنگهه کي فون ڪري ممبئي سانحي جي
جاچ ۾ هرممڪن مدد فراهم ڪرڻ جي آڇ ڪندي چيو ته غير رياستي
عناصر پاڪستان حڪومت کي پنهنجي ايجنڊا تي هلڻ تي مجبور ڪرڻ
چاهين ٿا پر پاڪستان حڪومت انهن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندو،
پيرائتي خبر مطابق وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني ڪالهه صبح جو
ڀارت جي وزيراعظم ڊاڪٽر من موهن سنگهه کي فون ڪري ممبئي ۾
دهشتگرد واقعن جي مذمت ڪئي آهي، وزيراعظم پنهنجي ڀارتي هم منصب
سان فون تي ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان پاڻ دهشتگردي جو شڪار
آهي، اها حقيقت آهي ته اسلام آباد ۾ ميرٽ هوٽل ڌماڪي کانپوءِ
ڀارتي وزيراعظم پهريون اڳواڻ آهي جنهن کيس فون ڪئي، وزيراعظم
سيد يوسف رضا گيلاني ڀارتي هم منصب ڊاڪٽر من موهن، ڪانگريس
اڳواڻ سونيا گانڌي ۽ ڀارتي عوام سان ممبئي سانحي سبب انساني
جانين جي زيان تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي، فون تي ڳالهين دوران
ڀارتي وزيراعظم پاڪستاني هم منصب کي ٻڌايو ته ممبئي سانحي بابت
ابتدائي رپورٽ مطابق سانحي جون ڪڙيون ڪراچي سان ملن ٿيون،
تنهنڪري دهشتگردي ۽ انتهاپسندي خلاف گڏيل حڪمت عملي تيار ڪرڻ
لاءِ ڳجهي ڄاڻ جي مٽاسٽا ۽ تعاون وڌائڻ جي ضرورت آهي. ڀارتي
وزيراعظم درخواست ڪئي ته سانحي جي حوالي سان ڄاڻ جي مٽاسٽا لاءِ
آءِ ايس آءِ جي ڊائريڪٽر جنرل کي انڊيا موڪليو وڃي، پاڪستاني
وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني ڀارتي وزيراعظم ڊاڪٽر من موهن
سنگهه جي درخواست قبول ڪندي چيو ته ٻنهي ملڪن پاران طريقيڪار
طئي ڪرڻ کانپوءِ آءِ ايس آءِ جو سربراهه جلد ڀارت جو دورو ڪندو،
وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني ڀارتي هم منصب کي انتهاپسندي ۽
دهشتگردي کي گڏيل طور منهن ڏيڻ لاءِ حڪومت پاڪستان هرممڪن مدد
فراهم ڪرڻ ۽ ممبئي سانحي جي جاچ ۾ مدد فراهم ڪرڻ جي آڇ ڪئي آهي،
آءِ ايس آءِ جي سربراهه ليفٽيننٽ جنرل احمد شجاع پاشا کي ڀارت
موڪلڻ بابت وزيراعظم جي ترجمان مطابق آءِ ايس آءِ سربراهه کي
ڀارت وڃڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، ان سلسلي ۾ لاڳاپيل انتظاميا
کي انتظام مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، ٻئي طرف ڪالهه
صدرآصف علي زرداري ڀارتي وزيراعظم ڊاڪٽر من موهن سنگهه کي فون
ڪري ممبئي دهشتگرد حملن جي مذمت ڪئي آهي، صدر آصف علي زرداري
چيو ته کيس سانحي تي صدمو رسيو آهي، جنهن سان سندس زخم کلي ويا،
جيئن ته شهيد بينظير ڀٽو پڻ دهشتگردن ۽ انتهاپسندن جو شڪار ٿي
آهي، صدر آصف علي زرداري چيو ته غير رياستي عنصر حڪومت کي
پنهنجي ايجنڊا تي هلائڻ تي مجبور ڪرڻ چاهين ٿا، پر انهن کي
مقصدن ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو ويندو، صدر آصف علي زرداري ڀارتي
وزيراعظم ڊاڪٽر موهن سنگهه کي خاطري ڪرائي ته پاڪستان دهشتگرد
حملن ۾ ملوث ماڻهن جي گرفتاري ۽ ماسٽر مائينڊ کي وائکو ڪرڻ ۾
ڀارت سان هر ممڪن تعاون ڪندو، صدر آصف علي زرداري ڀارتي
وزيراعظم سان دهشتگرد سانحي سبب انساني جانين جي نقصان تي
افسوس جو اظهار ڪيو آهي. هوڏانهن وزيراعظم سيد يوسف رضا
گيلاني ڪالهه ايوان صدر ۾ صدر آصف علي زرداري سان تفصيلي
ملاقات ڪئي آهي، ذريعن مطابق ملاقات دوران وزيراعظم ۽ صدر ڀارت
پاران ممبئي سانحي کي بنا شاهدين جي پاڪستان سان ڳنڍڻ تي افسوس
جو اظهار ڪيو آهي، ذريعن مطابق ملاقات دوران صدر ۽ وزيراعظم
ممبئي سانحي جي جاچ ۾ ڀارت کي هر ممڪن مدد فراهم ڪرڻ جو عزم
ڪندي چيو ته دهشتگرد ڪنهن به مذهب جا پيروڪار ناهن هوندا، تنهن
ڪري عوام کي محفوظ بڻائڻ لاءِ دهشتگردي جو گڏجي مقابلو ڪرڻو
پوندو، صدر ۽ وزيراعظم دهشتگرد واقعن ۾ پاڪستاني سرزمين
استعمال ٿيڻ بابت الزامن کي رد ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي
جمهوري حڪومت جو عزم آهي ته ملڪي سرزمين کي ڪنهن به ملڪ خلاف
دهشتگردي جي ڪاررواين لاءِ استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي،
ملاقات دوران صدر ۽ وزيراعظم ملڪ جي سياسي توڙي سيڪيورٽي
صورتحال جو جائزو ورتو آهي ۽ ان عزم جو اظهار ڪيو آهي ته ملڪ ۾
امن امان جي قيام لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا، هوڏانهن لاهور
مان بيورو رپورٽ موجب لاهور هوائي اڏي تي پريس ڪانفرنس ڪندي
وزيراعظم يوسف رضا گيلاني واضح ڪيو ته ممبئي ۾ ٿيل واقعن سان
پاڪستان جو ڪو به تعلق ناهي، يوسف رضا گيلاني ٻڌايو ته
وزيراعظم من موهن سنگهه کيس چيو ته ممبئي دهشتگردي جي واقعن جي
ابتدائي تحقيقات ڪئي وئي آهي، جنهن جا ڪجهه اشارا ڪراچي ڏانهن
وڃن ٿا ۽ ان جي جواب ۾ مون من موهن سنگهه تي واضح ڪيو ته
پاڪستان ان قسم جي ڪنهن به دهشتگردي ۾ ملوث ناهي، اسان پاڙيسري
ملڪن، ڀارت ۽ افغانستان سان بهتر لاڳاپا چاهيون ٿا ۽ دهشتگردي
جو خاتمو ڪري خطي ۾ امن و امان قائم ڪرڻ چاهيون ٿا، ٻئي طرف
پاڪستان نيوي جي ترجمان ڀارت جي انهن الزامن کي رد ڪري ڇڏيو
آهي، جنهن ۾ ڀارت چيو هو ته انهن پاڪستان جا 2 بحري جهاز پڪڙيا
آهن، ترجمان وائيس ايڊمرل آصف همايون برطانوي خابرو اداري سان
ڳالهائيندي چيو ته ”ايم وي الفا ۽ ”الڪبير“ نالي ڪو به جهاز
پاڪستان نيوي ۾ شامل ناهي. ٻئي طرف اهو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي
ته آءِ ايس آءِ جو سربراهه ليفٽيننٽ جنرل احمد شجاع پاشا سومر
تي ڀارت جي دوري تي روانو ٿيندو، ٻنهي ملڪن جي تاريخ ۾ اهو
پهريون ڀيرو آهي ته پاڪستاني ڳجهي ايجنسي جو سربراهه ڀارت جي
فوجي عملدارن سان ملاقات ڪندو، جڏهن ته پاشا جي دوري جو
طريقيڪار طئي ڪرڻ لاءِ پاڪستان ڀارت ۾ موجود ملٽري اتاشي کي
اسلام آباد طلب ڪري ورتو آهي، جنهن سان صلاح مشوري بعد
طريقيڪار طئي ڪيو ويندو. ڀارت جي پرڏيهي وزير پرناب مکرجي
الزام هنيو آهي ته ممبئي ۾ ٿيل دهشتگردي وارن واقعن ۾ پاڪستان
ملوث آهي، اسان اهو معاملو سفارتي سطح تي اٿارينداسين، هن چيو
ته پاڪستان پنهنجي سرزمين کي دهشتگردي لاءِ استعمال نه ٿيڻ
وارو واعدو نڀائي، ممبئي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي پرناب مکرجي
دعويٰ ڪئي ته شروعاتي معلومات مان اها ڳالهه سامهون آئي آهي ۽
ڪجهه شاهديون به مليون آهن ته دهشتگردي جي تازن واقعن ۾
پاڪستان ملوث آهي، ڪجهه عنصر ان ۾ سڌي ريت ملوث آهن، هن چيو ته
پاڪستان اهڙن عنصرن جو پورو ڍانچو ختم ڪري، کين گرفتار ڪيو
وڃي، هن چيو ته مشرف توڙي صدر آصف اهو واعدو ڪيو هو ته اهي
پاڪستان جي سرزمين دهشتگردي لاءِ استعمال ٿيڻ جي اجازت نه
ڏيندا ۽ اهو واعدو پورو ڪيو وڃي، هن چيو ته دهشتگردي جي واقعن
مان اهڙا ثبوت مليا آهن جن جو ڪنهن نه ڪنهن ريت تعلق پاڪستان
سان آهي، انهي ڳالهه جا امڪان به موجود آهن ته انهي واقعي ۾
پاڪستان ۾ موجود عنصر ملوث آهن، پرناب مکرجي چيو ته دهشتگردي
نه صرف ڀارت ۽ پاڪستان لاءِ خطرو آهي پر پوري عالمي برادري جي
امن لاءِ به خطرو آهي، هوڏانهن ڀارتي حڪومت جي ترجمان انهي
ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته وزيراعظم من موهن سنگهه جي درخواست
تي آءِ ايس آءِ جو سربراهه ڀارت جي دوري تي اچي رهيو آهي.
|