|
پي سي او ججن اڳيان ڪڏهن به پيش
نه ٿيندس،هٽايل جج بحال ڪرائينداسين:نوازشريف
ولي
باغ (اي پي پي) مسلم ليگ (ن) جي قائد ميان نواز شريف چيو آهي
ته کيس قومي اسيمبلي جي چونڊ وڙهڻ تي نااهل قرار ڏيڻ جي باوجود
مسلم ليگ (ن) پنهنجي ان فيصلي تي پوري ريت قائم آهي ته اسان پي
سي او ججن سامهون پيش نه ٿينداسين، مون کي ڇو نااهل قرار ڏنو
ويو، سڀ ڪجهه قوم جي سامهون آهي، ضمني چونڊن ۾ (ن) ليگ جي
اميدوارن جي ڪاميابي تي الله تعاليٰ ۽ عوام جو ٿورائتو آهيان،
سرحد سميت جتي به امن لاءِ ڪوششون ٿينديون، اسان ساٿ ڏينداسين..
هو ولي باغ ۾ عوامي نيشنل پارٽي جي سربراهه اسفنديار ولي سان
سندس ڀاءَ سنگين ولي خان جي وفات تي تعزيت کانپوءِ صحافين سان
ڳالهائي رهيو هو. نواز شريف چيو ته مون کي سنگين ولي خان جي
وفات تي دلي طور صدمو پهتو آهي. آئون جڏهن به ولي باغ آيس ته
ساڻس ضرور ملاقات ٿيندي هئي. هو تمام سٺو انسان هو، اسان جي
دعا آهي ته الله تعاليٰ سندس مغفرت فرمائي. نواز شريف پاڻ کي
نااهل قرار ڏيڻ بابت سوال تي چيو ته جيڪو ڪجهه ٿيو آهي اهو سڄي
قوم جي سامهون آهي ۽ انهن ججن مون کي جن سببن جي ڪري نااهل
قرار ڏنو ۽ ان جو ڪهڙو پس منظر آهي اهو سڀ ڪجهه قوم جي سامهون
آهي ۽ مون کان وڌيڪ ته سڀ ڪجهه ميڊيا ڄاڻي ٿي. هن هڪ ٻئي سوال
تي واضح ۽ چٽن لفظن ۾ چيو ته منهنجو ۽ منهنجي پارٽي جو اهو
فيصلو آهي ته پي سي او ججن سامهون پيش نه ٿينداسين ۽ اسان ان
تي ڀرپور نموني قائم آهيون ڇو ته اهو ئي سڄي قوم جو فيصلو آهي
۽ اسان پاڪستان جي اصلي ججن جيڪي هٽايل چيف جسٽس افتخار محمد
چوڌري ۽ سندس ساٿي آهن کي بحال ڪرائينداسين.
|