|
شهيدن جي
رت سان عروج تي پهتل آزاد عدليا واري جدوجهد ضرور ڪامياب
ٿيندي:افتخار محمد چوڌري
سکر
(رپورٽ:شبير بيدار ڀٽو) سپريم ڪورٽ جي هٽايل چيف جسٽس افتخار
محمد چوڌري چيو آهي ته سنڌ جي ڌرتي مفڪرن، صوفين، عظيم ليڊرن،
انقلابي اڳواڻن ۽ بزرگن جي ڌرتي آهي، شاهه لطيف، سچل سرمست ۽
قلندر لعل شهباز ماڻهن ۾ حق ۽ سچ جو پيغام پکيڙيو. ذوالفقار
علي ڀٽو ۽ محترمه بينظير ڀٽو به هتي پيدا ٿيا ۽ عوام لاءِ
جدوجهد ڪئي ۽ عوام لاءِ آخر پنهنجي جان جي قرباني ڏئي ڇڏيائون
هو ڪالهه سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن سکر پاران نامياري وڪيل
اڳواڻ مرحوم امداد علي اعواڻ جي موت تي ڪوٺايل تعزيتي ريفرنس
واري پروگرام ۾ خاص مهمان طور خطاب ڪري رهيو هو. هن چيو ته
امداد اعواڻ به قربانين واري روايت کي زنده رکندي آزاد عدليه
جي تحريڪ جي سفر ۾ ساٿ نڀائيندي پنهنجي جان ڏئي ڇڏي ۽ هو ٻين
لاءِ پيغام ڇڏي ويو آهي ته هي جدوجهد آزاد عدليه، انصاف ۽
ماڻهن جي جياپي جي جدوجهد آهي ان ڪري سنڌ جي عوام، وڪيلن ۽ سول
سوسائٽي جي ماڻهن مٿان فرض آهي ته امداد اعواڻ جي ٻاريل مشعل
کي اجهامڻ نه ڏين ۽ ان کي روشن رکيو وڃي. هن چيو ته مونکي يقين
آهي ته شهيدن جي رت ۽ وڪيلن جي پگهر سان شروع ٿي عروج تي پهتل
آزاد عدليه واري جدوجهد ضرور ڪامياب ٿيندي. ان موقعي تي سپريم
ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر اعتزاز احسن تقرير ڪندي چيو ته
امداد اعواڻ باضمير ماڻهن وانگر پنهنجن ساٿين جي هٿن ۾ دم ڏنو
۽ شهادت ماڻي امر ٿي ويو ۽ جيڪي وڪيل آزاد عدليه جي تحريڪ کي
نقصان پهچائي رهيا آهن سي اصل ۾ پنهنجي پير تي ڪهاڙي هڻن ٿا ۽
انهن کي تاريخ ڪڏهن به معاف نه ڪندي. سنڌ جي نامياري دانشور ۽
عوامي تحريڪ جي سربراهه رسول بخش پليجو تقرير ڪندي چيو ته
سرفروش ماڻهو ئي شهيد ٿيندا آهن ۽ تحريڪن جي ڪاميابي جي ضمانت
هوندا آهن. هن چيو ته آزاد عدليه توڙي ججن جي بحالي لاءِ پراڻا
حڪمران توڙي نوان حڪمران يا انهن جي پويان ويٺل اصل قوتون اهو
نٿيون چاهين ته آزاد عدليه بحال ٿئي ۽ ماڻهن کي انصاف ملي ۽
بهادر جج بحال ٿي سگهن. ان ڪري ئي ججن جي بحالي واري عمل کي
اينگهائي ڊراما ڪيا پيا وڃن. هن تعزيتي ريفرنس کي سپريم ڪورٽ
بار جي اڳوڻي صدر حامد خان ايڊووڪيٽ، ڀڄن داس، علي محمد ڏاهري،
سردار اڪبر اڄڻ، زاهده لنجار، شبير شر ايڊووڪيٽ، عبدالرزاق مهر
۽ ٻين خطاب ڪندي امداد اعواڻ کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ هڪ گڏيل
ٺهراءُ منظور ڪري اهو وچن ورجايو ويو ته آزاد عدليا واري تحريڪ
کي رت ست ڏئي ضرور ڪامياب ڪيو ويندو. تعزيتي ريفرنس ۾
ميرپورخاص، نوشهروفيروز، نوابشاهه، لاڙڪاڻو، گهوٽڪي ۽ ڪراچي جي
ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جا عهديدار ۽ وڪيل اڳواڻ به شريڪ
ٿيا.هوڏانهن سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي نائب صدر مرحوم
امداد علي اعواڻ جو ٽيجهو ڪالهه رات سندس رهائشگاهه تي ٿيو،
جنهن ۾ هٽايل چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري، سپريم ڪورٽ جي هٽايل
جج جسٽس غلام رباني، اعتزاز احسن، رشيد اي رضوي، نعيم قريشي،
سيشن جج خيرپور غلام مصطفيٰ ميمڻ، سيشن جج عبدالغني سومرو ۽
ٻيا سوين وڪيل، سياسي، سماجي اڳواڻ شريڪ ٿيا ۽ مرحوم جي ايثال
ثواب لاءِ گڏيل دعا گهري وئي. هٽايل چيف جسٽس افتخار محمد
چوڌري رات سکر ۾ ترسيو ۽ اڄ ڇنڇر ڏينهن صبح جو 10 وڳي پي آءِ
اي جي اڏام ذريعي لاهور روانو ٿيندو، ٻئي طرف سکر پريس ڪلب ۾
ميٽ دي پريس پروگرام ۾ خطاب ڪندي سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي
صدر اعتزاز احسن چيو ته ججن جي بحالي واري معاملي تي پيپلز
پارٽي جي مرڪزي قيادت ۽ صوبائي قيادتن ۾ شامل ڪيترا ئي اڳواڻ
منهنجا حمايتي آهن جڏهن ته ڪارڪن ۽ پيپلزپارٽي جا ورڪر دل سان
چاهين ٿا ته چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري سميت هٽايل جج بحال
ٿين ۽ ماڻهن کي تڪڙو انصاف ملي سگهي، هن چيو ته پيپلز پارٽي جي
مرڪزي قيادت ۾ ڪجهه غالب عناصر هٽايل ججن جي بحالي جي حق ۾
ناهن. ٻئي طرف پرويز مشرف جي اها خواهش آهي ته چيف جسٽس افتخار
محمد چوڌري ٻيهر بحال نه ٿئي ڀلي ٻيا سمورا جج بحال ڪيا وڃن پر
اسان سمجهون ٿا ته چيف جسٽس جي بحالي کانسواءِ آزاد عدليه جي
بحالي اڌوري هوندي ڇاڪاڻ ته چيف جسٽس ۽ آزاد عدليا لازم ملزوم
۽ آزاد عدليه جو سمبل بڻجي چڪو آهي ان ڪري چيف جسٽس جي بحالي
کانسواءِ ڪو به وچ وارو رستو قبول نه ڪيو ويندو، هن چيو ته
مونکي يقين آهي ته جن ججن کي آڇ ڪئي وئي آهي ته اهي قسم کڻن ته
کين بحال ڪيو ويندو تن مان اڪثر جج اهڙي سرڪاري آڇ ٿڏي چڪا آهن
۽ اها وڪيلن جي جدوجهد جي فتح آهي. هن چيو ته ججن جي بحالي
لاءِ ڪنهن به آئيني ترميم جي ضرورت ناهي موجوده آئين ۾ ان
ڳالهه جي گنجائش موجود آهي ته ايگزيڪيٽو آرڊر زريعي ججن کي
بحال ڪري سگهجي ٿو هن چيو ته ميثاق جمهوريت ۽ ڀوربند پڌرنامن
پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) چيف جسٽس سميت ججن جي بحالي جو
واعدو ڪيو جڏهن ته شهيد بينظير ڀٽو پاڪستان ۾ واپس اچڻ کانپوءِ
اعلان ڪيو هو ته مان چيف جسٽس کي بحال ڪري سندس گهر تان لاٿل
پاڪستان جهنڊو ٻيهرچاڙهينديس، ان واعدي ۽ معاهدن کي پاڻي ڏنو
وڃي ۽ ججن کي بحال ڪيو وڃي، جيڪڏهن چيف جسٽس سميت هٽايل جج
بحال ڪيا ويا ته اسان کي جسٽس عبدالحميد ڊوگر سميت انهن ٻين
ججن جي جج رهڻ تي ڪو به اعتراض نه هوندو جيڪي 9 مارچ 2007ع تي
جج طور ڪم ڪري رهيا هئا. هن چيو ته اسان 14 آگسٽ تائين ڊيڊ
لائين ڏني آهي ۽ 15 آگسٽ تي اسان پنهنجي تحريڪ جو اعلان
ڪنداسين ۽ يقين ڄاڻو ته جيڪڏهن پوري ملڪ ۾ هر جڳهه، هر شهر ۾
ٻن ڪلاڪن لاءِ به سول سوسائٽي جي ماڻهن ۽ وڪيلن روڊن ۽ چوواٽن
تي ڌرڻا هنيا ته حڪمران لڙهي ويندا ان ڪري اهي هوش کان ڪم وٺن
۽ ججن کي فوري طور تي بحال ڪيو وڃي. هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو
ته مخدوم امين فهيم، صفدر عباسي ۽ ناهيد خان بابت پيپلز پارٽي
جي مرڪزي اڳواڻن پاران ڏنل بيان انتهائي افسوسناڪ آهن اهي
محترمه جا انتهائي وفادار ساٿي رهيا ۽ اڄ ڏينهن تائين سندن
چهرن تي مرڪ واپس نه اچي سگهي آهي. هن اعلان ڪيو ته جيڪڏهن
سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس بحال ٿيو ته اسان سپريم ڪورٽ بار
ايسوسيئيشن پاران مهانگائي ۽ بجلي جي لوڊشيڊنگ خلاف آئيني
درخواست داخل ڪنداسين.
|