”آزاد ڪشمير کي منگلا مان پاڻي ڦڙو نه ملڻ کپي“: سنڌ پاران مخالفت

ڪراچي (بيورو رپورٽ) سنڌ سرڪار منگلا ڊيم جو پاڻي آزاد ڪشمير کي ڏيڻ واري فيصلي جي مخالفت ڪندي وفاقي سرڪار کي لکيو آهي ته 1991ع جي ٺاهه موجب سنڌوءَ سوڌو سمورن دريائن جي پاڻي جي ورڇ پنجاب، سنڌ، بلوچستان ۽ سرحد صوبن جي وچ ۾ ٿيندي، جنهن ڪري منگلا ڊيم سميت ڪنهن به ڊيم يا ڪئنال مان  پاڪستان جي چئني صوبن جي حصي جو پاڻي آزاد ڪشمير کي ڏيڻ وارو فيصلو ارسا پاران جوڙيل ضابطن جي خلاف ورزي هوندي. وفاقي سرڪار کي سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه پاران لکيل خط ۾ اهو پڻ ڄاڻايو ويو  آهي ته سنڌ کي اڳ ۾ ئي پنهنجي حصي کان گهٽ پاڻي ملندو رهيو آهي جنهن ڪري سنڌ جي اجازت کانسواءِ منگلا ڊيم جو پاڻي آزاد ڪشمير کي نه ڏنو وڃي. ياد رهي ته وفاق پاران منگلا ڊيم مان آزاد ڪشمير کي پاڻي ڏيڻ بابت صوبن کان راءِ طلب ڪئي وئي هئي. ذريعن موجب پنجاب ۽ سرحد صوبن منگلا ڊيم مان آزاد ڪشمير کي پاڻي ڏيڻ واري راءِ جي حمايت ڪئي هئي، جڏهن ته سنڌ ان جي سخت مخالفت ڪئي آهي.