اسلام آباد (بيورو رپورٽ)

ڊاڪٽر عافيه صديقي جي ڀيڻ کي گهرو وزارت فوري طور اسلام آباد گهرائي ورتو

ڪراچي (آن لائن) آمريڪا ۾ قيد ڊاڪٽر عافيه صديقي جي ڀيڻ ڊاڪٽر فوزيه صديقي کي گهرو وزارت فوري طور تي اسلام آباد گهرائي ورتو آهي، جنهن کانپوءِ هن ڪالهه ٿيندڙ پريس ڪانفرنس  ملتوي ڪري ڇڏي،  هڪ خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر فوزيه چيو ته حڪومت سندس ڀيڻ   عافيه صديقي  جي آزادي ۽ وطن واپسي جي معاملي ۾ ڪا به اڳڀرائي نه ڪري رهي آهي، ڊاڪٽر فوزيه  کي ڪالهه ڪراچي پريس ڪلب ۾ اهم پريس ڪانفرنس ڪرڻي هئي،  پر گهرو وزارت ۽ پرڏيهي وزارت طرفان کيس پيغام ڏنو ويو ته هوءَ فوري طور اسلام آباد اچي ملاقات ڪري، جنهن کانپوءِ هوءَ اسلام آباد رواني ٿي وئي، جتي سندس اهم  شخصيتن سان ملاقات جي اميد آهي.