اسلام آباد (بيورو رپورٽ)

بلوچستان جي وڏي وزير جي صدر سان ملاقات،مسئلن بابت آگاهي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) بلوچستان جي وڏي وزير نواب اسلم رئيساڻي جي صدر آصف علي زرداري  ۽ پاڻي -بجلي واري وفاقي وزير راجا پرويز اشرف سان الڳ الڳ ملاقاتون، بلوچستان جي وڏي وزير نواب اسلم رئيساڻي ڪالهه ايوان صدر ۾ صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ڪئي آهي، وڏي وزير صدر کي صوبي جي سياسي سماجي ۽ معاشي صورتحال سان گڏ صوبي ۾ هلندڙ ترقياتي  منصوبن ۽ زلزلي متاثرن جي بحالي بابت تفصيلي طور بريف ڪيو آهي، صدر آصف علي زرداري  بلوچستان جي وڏي وزير کي صوبي جي مسئلن  جي حل لاءِ مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي آهي، ان کان اڳ  نواب اسلم رئيساڻي پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي وزير راجا پرويز اشرف سان ملاقات ڪري ساڻس صوبي جي پاڻي ۽ بجلي بابت ترقياتي منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي،