اسلام آباد (بيورو رپورٽ) |
|
ڊسيپلينري ڪاميٽي کي فيصلو ٻڌائڻ جو اختيار نه هو،هاءِ ڪورٽ ۾ وڃي سگهون ٿا:شعيب جو وڪيل لاهور(اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستاني فاسٽ بالر شعيب اختر جي وڪيل عابد حسن منٽو چيو آهي ته شعيب اختر جي اپيل جي ٻڌڻي جون تائين ملتوي ڪئي وئي آهي ۽ هڪ عبوري فيصلو ڏنو ويو آهي. هن چيو ته پي سي بي پاران 5 سالن جي پابندي بعد آءِ پي ايل به شعيب اختر تي پابندي جو اصولي فيصلو ڪيو هو ته شعيب اختر ليگ ۾ نه ٿو کيڏي سگهي پر آءِ پي ايل وارن سان رابطو ڪري کانئن پڇيو ويندو ته اپيلٽ ٽربيونل پاران شعيب اختر کي آءِ پي ايل ۾ کيڏڻ جي اجازت ڏيڻ وارو فيصلو انهن تي لاڳو ٿئي ٿو يا نه ۽ جيڪڏهن اهي ان فيصلي مان مطمئن نه ٿيا ته اسان جي ڪوشش هوندي ته ڪيس جي جلد کان جلد ٻڌڻي لاءِ درخواست ڏينداسين ته جيئن جلد فيصلو ٻڌايو وڃي، پر پابندي واري فيصلي کي هاءِ ڪورٽ ۾ به چئلينج ڪري سگهون ٿا. هن چيو ته ڊسيپلينري ڪاميٽي کي سزا ٻڌائڻ جو اختيار نه هو ۽ جيڪو طريقيڪار استعمال ڪيو ويو هو اهو به دنيا جي ڪنهن به اصول مطابق ناهي. هوڏانهن پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي وڪيل تفضل حسين چيو آهي ته اپيلٽ ٽربيونل غور ۽ فڪر به ڊسيپلينري ڪاميٽي جي فيصلي کي مڪمل فيصلو اچڻ تائين برقرار رکيو آهي. پر شعيب اختر ڪا به پرڏيهي ٽورنامينٽ کيڏي سگهي ٿو، ان ۾ آءِ پي ايل به شامل آهي، هن چيو ته پي سي بي ان معاملي ۾ فراخ دلي جو مظاهرو ڪيو آهي، پي سي بي چيئرمين ڪيترائي ڀيرا چيو آهي ته ٻاهر وڃي کيڏڻ تي ڪا به پابندي ناهي، ڇو ته اهو شعيب اختر جي روزي جو مسئلو آهي. |