|
سنڌ اسيمبلي ۾ 2 کرب 47 ارب رپين جا خرچ
منظور:بجيٽ ۾ غير ضروري خرچ ناهن:وڏو وزير
ڪراچي
(بيورو رپورٽ) سنڌ اسيمبلي ۾ ڪالهه مالي سال 09-2008ع جي 2 کرب
47 ارب رپين جا خرچ اڪثريت راءِ سان منظور ڪري ورتا ۽ ان ڏس
۾ 59 مالي مطالبا منظور ڪيا ويا، جيڪي وزيراعليٰ سنڌ سيد
قائم علي شاهه پيش ڪيا هئا، جڏهن ته اپوزيشن پاران 552 ڪٽوتي
جون رٿون رد ڪيون ويون. سنڌ اسيمبلي ۾ مالياتي بل منظوري لاءِ
اڄ پيش ڪيو ويندو، 1988ع کانپوءِ پهريون ڀيرو ڪٽوتي جي رٿن تي
”گليٽن“ نه لڳايو ويو، جيڪو اپوزيشن جي سهڪار سان ممڪن ٿيو.
وزيراعليٰ اپوزيشن پاران تعاون ڪرڻ تي سندن مهرباني مڃي، مالي
مطالبن تي مخالف ڌر جون 4 سئو ڪٽوتي جون رٿون ايوان ۾ پيش
ٿيون، جن جي پٺڀرائي ۾ مخالف ڌر جي ميمبرن دليل ڏنا، جڏهن ته
باقي 152 ڪٽوتي جون رٿون واپس ورتيون ويون. سيد قائم علي شاهه
مخالف ڌر جي ميمبرن پاران ڪٽوتي جي رٿن تي جواب ڏيندي چيو ته
مخالف ڌر وارا اسان کي غربت ۾ گهٽتائي نه ڪرڻ جا مهڻا ڏئي رهيا
آهن، جڏهن ته اسان غربت کي گهٽائڻ لاءِ بجيٽ ۾ ڪيترا اپاءَ
ورتا آهن، هن چيو ته جڏهن مخالف ڌر وارن جي حڪومت هئي ته
مهانگائي کي گهٽائڻ لاءِ ڪجهه به نه ڪيو، هاڻي اسان غربت
گهٽائڻ لاءِ قدم کنيا آهن ته هنن کي تڪليف ٿي رهي آهي، هن چيو
ته هاڻي اهڙن ماڻهن جو وقت گذري ويو جيڪي 10-12 سالن تائين
عوام لاءِ ڪجهه نه ڪري سگهيا، هاڻي اسان سنڌ جي عوام جي اميدن
کي پورو ڪنداسين، هن چيو ته اسان هر شعبي ۾ غير ضروري خرچن ۾
پاڻمرادو ڪٽوتي ڪئي آهي ۽ اهڙا خرچ بجيٽ ۾ شامل ڪيا آهن جيڪي
اڻٽر آهن، وڏي وزير مخالف ڌر جي ميمبر عارف مصطفيٰ جتوئي ڏانهن
اشارو ڪندي چيو ته اسان کي اهڙا ماڻهو بچت جي سکيا ڏئي رهيا
آهن جن کي سڀ کان مهانگو وڳو پهريل آهي، اها سٺي ڳالهه آهي ته
هن سٺو وڳو پهريو آهي، جنهن تي عارف مصطفيٰ جتوئي چيو ته مان
هيءَ وڳو توهان کي ڏئي ٿو ڇڏيان، هيءَ وڳو مهانگو ناهي پر ميڊ
ان پاڪستان آهي، وزيرن جي گاڏين جي وڌيڪ خرچن جي حوالي سان
مخالف ڌر جي اعتراض تي وڏي وزير چيو ته جيڪڏهن وزيرن کي گاڏين
لاءِ پيٽرول نه ملندو ته پوءِ ڇا هو پنڌ هلندا، هن چيو ته
اڳوڻي حڪومت جي ڪارنامن جي ڪري سنڌ 30 سال پوئتي هلي وئي آهي،
مخالف ڌر وارا چون ٿا ته ڪمپيوٽر نه وٺو، اسان انهن کان پڇون
ٿا ته اڄ جي دور ۾ ڇا بندين مان ڪم ورتو وڃي، وزيراعليٰ مخالف
ڌر جي اعتراضن جو جواب ڏيندي چيو ته بجيٽ ۾ غير ضروري خرچ
ناهن، سڌسماءَ واري وزير شازيه مري اپوزيشن جي ڪٽوتين وارين
رٿن جي جواب ۾ چيو ته اسان اطلاعات کاتي کي جديد بنيادن تي
جوڙڻ چاهيون ٿا، ان موقعي تي مخالف ڌر جي اڳواڻ ڄام مدد علي
چيو ته وزير کي ان اڳوڻي وزير جو نالو کڻڻ کپي ۽ نه ئي اهڙا
رمارڪس ڏيڻ گهرجن، ان اڳ مخالف ڌر جي ميمبرن وزيراعليٰ
سيڪريٽريٽ، گورنر سيڪريٽريٽ، وزيرن جي خرچ ۽ ٻين کاتن جي خرچن
۾ ڪٽوتي لاءِ رٿون پيش ڪندي تقريرون ڪيون، مخالف ڌر جي اڳواڻ
ڄام مدد علي چيو ته عوامي حڪومت کي ايتري قدر شاهاڻا خرچ نه
ڪرڻ گهرجن، مختلف شعبن جي خرچن ۾ ڪٽوتي ڪري اها رقم غريبن تي
خرچ ڪئي وڃي ته جيئن ماڻهن کي محسوس ٿئي ته عوامي حڪومت آئي
آهي، مخالف ڌر جي ميمبرن ٻين مالي مطالبن تي به اهو ئي موقف
اختيار ڪيو ته غير ضروري خرچ گهٽ ڪري سماجي شعبن خاص ڪري
تعليم، صحت ۽ ٻين شعبن کي بهتر ڪيو وڃي.
|