|
پ پ ۽ متحده وچ ۾ سنڌ جي گورنر کي نه هٽائڻ ۽ مڪاني نظام ختم نه ڪرڻ تي اتفاق ڪراچي (رپورٽ: امتياز چانڊيو) پ پ نئين صدر لاءِ شريڪ چيئرمين آصف زرداري جي حمايت ڪرڻ تي ايم ڪيو ايم جي موجوده گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد کي نه هٽائڻ، مڪاني نظام ختم نه ڪرڻ ۽ مسلم ليگ ن جي اتحاد مان ڌار ٿيڻ جي صورت ۾ ايم ڪيو ايم کي مرڪز ۾ وزارتون ڏيڻ تي اتفاق ڪري ورتو آهي، پ پ ۽ ايم ڪيو ايم جي ذميوار ذريعن ”ڪاوش“ کي ٻڌايو ته پرويز مشرف جي اقتدار کان جدا ٿي وڃڻ کانپوءِ ايم ڪيو ايم ۽ پ پ وچ ۾ اعليٰ سطح تي نئون ٺاهه ٿيو آهي، جنهن ۾ پ پ ايم ڪيو ايم کي سنڌ ۾ موجوده گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد کي نه هٽائڻ جي خاطري ڪرائي آهي، ذريعن موجب جيڪڏهن ڪجهه وقت کانپوءِ موجوده گورنر کي هٽايو ويو ته به گورنري متحده جي حوالي هوندي، پ پ جي ذريعن موجب موجوده حڪومت ايم ڪيو ايم کي اها خاطري پڻ ڪرائي آهي ته هو مڪاني ادارن واري نظام کي جيستائين اتحاد هليو ختم نه ڪيو ويندو پر ان ۾ جيڪڏهن ڪي تبديليون آڻڻ جي ضرورت پئي ته اها ڪري سگهجن ٿيون، ان سان گڏ جيڪڏهن نواز ليگ ججن واري مامري تان اتحاد مان ڌار ٿئي ٿي ته پوءِ ايم ڪيو ايم کي مرڪز ۾ به وزارتون ڏنيون وينديون، ايم ڪيو ايم جي هڪ ذميوار اڳواڻ ”ڪاوش“ کي ٻڌايو ته سنڌ ۾ پ پ سان اتحاد ۾ آهيون ۽ رهنداسين، جيتري قدر گورنر جي تبديلي جي ڳالهه آهي ته اها في الحال نه ٿيندي ۽ نه ئي جج بحال ٿيندا، هوڏانهن ايم ڪيو ايم جي ايم اين اي ۽ قومي اسيمبليءَ ۾ ڊپٽي پارلياماني ليڊر حيدر عباس رضوي رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته پ پ ۽ ايم ڪيو ايم وچ ۾ ڪو نئون ٺاهه ٿيو هجي؟ ان جي مون کي خبر ناهي، ان سلسلي ۾ پ پ جي پارلياماني ليڊر پير مظهرالحق سان رابطي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر ساڻس رابطو نه ٿي سگهيو.
|