(مانيٽرنگ ڊيسڪ/آن لائن)

پ پ آصف بدران ڪو ٻيو اميدوار آندو ته ان جي به حمايت ڪنداسين:ڄام مدد علي

ڪراچي(بيورو رپورٽ) سنڌ اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ ڄام مدد علي خان چيو آهي ته محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ عوام عام چونڊن ۾ پ پ کي جيڪا اڪثريت ڏني آهي تنهن جو احترام ڪندي اسان ملڪ جي صدر جي عهدي لاءِ آصف علي زرداري جي حمايت ڪريون ٿا ۽ جيڪڏهن پ پ آصف علي زرداري بدران ڪو ٻيو اميدوار آندو ته ان جي به حمايت ڪنداسين، سنڌ به ننڍو صوبو آهي جنهن کي صدر جو عهدو ملڻ گهرجي، جڏهن ته پنجاب وٽ اڳ وزيراعظم آهي ۽ پنجاب وڏو ڀاءُ ٿي ننڍن صوبن سان سهڪار ڪري، هن اهڙو اظهار ڪالهه سنڌ اسيمبلي جي اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو، هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن پ پ پاران صدر جو اميدوار بلوچستان يا سرحد مان اچي ها ته اسان ان جي به حمايت ڪريون ها، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته صدر جو عهدو سياسي ته ناهي پر پ پ کي عوام اڪثريت سان چونڊي موڪليو آهي ۽ اسان کي سٺي اميد رکڻ گهرجي، هن چيو ته پ پ پاران ملڪ جي صدر جو عهدو  حاصل ڪري وٺڻ کانپوءِ پ پ وٽ مڪمل اختيار هوندا ۽ ڏسون ته پ پ وارا ملڪ ڪيئن هلائين ٿا، هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ چيو ته اڄ به اسان جي ڪارڪنن خلاف ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن ۽ او پي ايس تي آفيسر مقرر ڪيا پيا وڃن.