|
راضيديري لڳ جرڳو،ناري کي ڪاري قرار ڏئي قتل جي فتويٰ ٻڌائي وئي،نوجوان تي سڱ چٽي خيرپور/گمبٽ (نمائندن وٽان) راضيديري لڳ جرڳو، پرڻيل ناري کي ڪاري قرار ڏئي قتل ڪرڻ جي فتويٰ، الزام هيٺ آيل نوجوان تي هڪ لک رپيا ڏنڊ ۽ سڱ چٽي رکيو ويو، اڳڙا ٿاڻي جي حد ڳوٺ صوبدار لاشاري ۾ لاشاري برادري جي 2 ڌرين ۾ ڪارنهن تڪرار تان علائقي جي زميندار ميان عاشق عباسي جي سرپئنچي هيٺ ذريعن موجب پوليس چوڪي راضيديرو جي ڀرسان واقعي منير لاشاري جي اوطاق تي جرڳو ٿيو، جنهن ۾ برادري جي چڱن مڙسن ۽ الزام هيٺ آيل ناري ناهيد لاشاري زال غلام عباس جي مامي بخشل لاشاري پڻ شرڪت ڪئي، سرپئنچ ڳالهيون ٻڌي ناري ناهيد کي ڪاري قرار ڏئي سندس قتل جي فتويٰ ٻڌائي ۽ ڪارو قرار ڏنل عزيز لاشاري تي لک رپيا ۽ هڪ سڱ چٽي وڌو ۽ ٿڏي تي عزيز لاشاري جي معصوم ڀائٽي 3 ورهين جي فرزانه ڌيءُ صدر لاشاري کي ناري ناهيد جي مامي بخشل جي معصوم ڀاڻيجي 5 ورهين جي نصير نالي ڪيو، اهڙي انياءَ خلاف الزام هيٺ آيل ناري جي مڙس غلام عباس قرآن پاڪ کڻي سرپئنچ کي چيو ته منهنجي زال ڪاري ناهي، الزام ڪوڙو آهي، بعد ۾ فيصلي خلاف هن پريس ڪلب راضيديرو پهچي ڀينرن ۽ سهري محمد نواز سان گڏجي احتجاج پڻ ڪيو، ان موقعي تي هن دانهيو ته زال ناهيد کي سندس مامو بخشل ۽ ٻيا اغوا ڪري ويا آهن ۽ خدشو آهي ته کيس قتل ڪيو ويندو، هن اختيارين کان زال جي تحفظ ۽ بازيابي جو مطالبو ڪيو، ان ڏس ۾ رابطي ڪرڻ تي ايس پي او اڳڙا عباس شاهه چيو ته مامري جي ڄاڻ ناهي، آئون سي ايم جي اسپيشل ڊيوٽي تي آهيان، باقي جاچ لاءِ حد جي ايس ايڇ او کي چيو آهي، جڏهن ته ڊي پي او پاران جوابدارن خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏنو ويو آهي، ٻئي طرف رابطي ڪرڻ تي سرپئنچ عاشق عباسي چيو ته جرڳو ناهي ٿيو، ڌرين ۾ برادري جا مسئلا آهن، باقي مون ڪو به فيصلو ناهي ڪيو، هڪ سوال تي هن چيو ته آئون ڌرين کي اڄ عدالت آڏو پيش ڪندس.
|