قبائلي علائقن ۾ امن لاءِ ايف سي جون وڌيڪ 27 پلٽون انتظاميا حوالي

پشاور (بيورو رپورٽ/مانيٽرنگ ڊيسڪ) سرحد صوبي جي قبائلي علائقن ۾ امن برقرار رکڻ لاءِ ايف سي جون 27 پلٽون انتظاميا حوالي ڪيا ويا آهن، وفاقي حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته سرحد صوبي ۾ فوج ڪابه ڪارروائي نه ڪندي، خانگي ٽي وي چئنل موجب وفاقي حڪومت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته فاٽا ۽ قبائلي علائقن ۾ آپريشن فرنٽيئر ڪانسٽيبلري ڪندي ۽ ان جي نگراني سرحد جو گورنر ڪندو جڏهن ته سيٽلڊ علائقن ۾ پوليس ايف سي جي مدد سان ڪارروائي ڪندي، جنهن جي نگراني سرحد جو وزيراعليٰ امير حيدر هوتي ڪندو، وفاقي حڪومت جو چوڻ آهي ته سرحد صوبي ۾ ڪوبه آپريشن ٿيو ته ان جي ذميوار صوبائي حڪومت هوندي، هوڏانهن پشاور ۾ پڻ ڏوهارين خلاف آپريشن لاءِ مختلف هنڌن تي ايف سي جا جٿا مقرر ڪيا ويا آهن، حيات آباد، پشتا خرا، متني ۽ تيرا وادي ۾ مختلف هنڌن تي پوليس ۽ خاصه دار فورس سان گڏ ايف سي جا جٿا مقرر ڪيا ويا آهن، جڏهن ته اهم هنڌن ڏانهن ويندڙ رستن تي رڪاوٽون بيهاري انهن کي بند ڪيو ويو آهي، ذريعن موجب اڄ ڪنهن وقت به ڪارروائي شروع ٿيڻ جو امڪان آهي.