اسلام آباد (بيورو رپورٽ)

تعليمي  بورڊن جا امتحان ايندڙ سال نئين طريقي سان وٺڻ جو فيصلو

ڪراچي(بيورو رپورٽ) سنڌ جي گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد خان  چيو آهي ته تعليمي بورڊن جا امتحان ايندڙ سال  کان نئين طريقي سان ورتا ويندا، گورنر هائوس ۾ منعقد اجلاس جي صدارت ڪندي گورنر چيو ته امتحانن جي طريقيڪار کي  وڌيڪ بهتر بڻايو ويندو، گورنر اعليٰ ثانوي بورڊ جي چيئرمين انوار احمد زئي کي چيو ته نئين طرز تي پرچن لاءِ ماڊل  پيپر تيار ڪيا ويا آهن، جيڪي  معروضي سوالن تي ٻڌل هوندا، گورنر  چيو ته نئين طرز  جي امتحانن سان ذهين ۽ باصلاحيت شاگرد اڳيان ايندا، طريقيڪار ۾ پريڪٽيڪل جي  25 مارڪن کي گهٽائي  15 مارڪن جو ڪيو ويندو، جڏهن ته  30 مارڪن جو  آبجيڪٽوِ ٽائيپ جو پيپر هوندو، جڏهن ته  55 مارڪن جو ٿيوري وارو پيپر هوندو.