اسلام آباد (بيورو رپورٽ) |
|
اسٽاڪ ايڪسچينجز ۾ بهتري:ڪي ايس اي ۾ تيزي،سيڙپ ۾ 4 ارب رپيا اضافو ڪراچي (آن لائن) ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ معمولي تيزي رهي، سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ڪرائڻ لاءِ سپورٽ فنڊ ذريعي سيڙپڪارن جي شيئرز جي خريداري جا مثبت نتيجا سامهون اچڻ لڳا ۽ مارڪيٽ منفي زون ۾ شروع ٿيڻ بعد هڪ ڀيرو وري مثبت زون ۾ اچي وئي، ڪالهه 16 ڏينهن بعد معمولي تيزي نظر آئي، ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 10200 جي نفسياتي حد تي برقرار رهيو، مارڪيٽ جي سيڙپ ۾ 4 ارب رپين جي رڪوري رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته ڪاروباري حجم به خميس جي مقابلي ۾ 10 ڪروڙ شيئرز وڌيڪ رهيو، ڪالهه هڪ موقعي تي 10400 جي نفسياتي حد پار ڪري ويو، سيڙپڪار بينڪنگ ۽ سيمينٽ سيڪٽر ۾ سرگرم نظر آيا، ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 22 پوائنٽس جي اضافي سان 10235 تي بند ٿيو، جڏهن ته 130 انڊيڪس 49 پوائنٽس جي ڪمي سان 1407 پوائنٽس تي بند ٿيو، هوڏانهن اسلام آباد اسٽاڪ ايڪسچينج۾ بهتري جو رجحان رهيو پر مارڪيٽ اڃا به دٻاءَ ۾ نظر اچي رهي آهي، ڪالهه 10 انڊيڪس ۾ 112 ڪمپنين شيئرز جي ڏي وٺ ڪئي ۽ حصو ورتو، جنهن ۾ 56 ڪمپنين جي قيمت ۾ اضافو ۽ 56 ۾ ڪمي نظر آئي.
|