|
اڳوڻو صدر مشرف
ڪجهه ڏينهن اندر يورپ پهچندو:دوستن طرفان تصديق
پيرس
(فارين ڊيسڪ) اڳوڻو صدر پرويز مشرف ايندڙ ڪجهه ڏينهن اندر يورپ
جي دوري تي پهچندو، انهيءَ دوري دوران هو يورپ ۾ پنهنجي ويجهن
دوستن ۽ يورپ ۾ پاڪستاني ڪميونٽي جي نامياري سماجي شخصيت چوڌري
پرويز اقبال لوهسر جو مهمان ٿيندو، واضح رهي ته يورپ ۾ پرويز
مشرف جي هڪ دوست کيس يورپ جي دوري جي دعوت ڏني آهي، اڳوڻي صدر
پرويز مشرف جي ويجهي دوست چوڌري پرويز اقبال تصديق ڪندي ٻڌايو
ته هو ايندڙ ڪجهه ڏينهن اندر يورپ جي دوري تي ايندو، هن چيو ته
هو مشرف جي ميزباني کي اعزاز سمجهن ٿا.
|