دبئي (مانيٽرنگ ڊيسڪ)

زرداري جسٽس چوڌري کي بحال ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي:نيو يارڪ ٽائيمز

نيو يارڪ(اين اين آءِ) آمريڪي اخبار نيو يارڪ ٽائيمز پنهنجي هڪ تازي رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ  چيئرمين آصف علي زرداري هٽايل چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري کي بحال ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، هن نواز شريف جي اها تجويز به رد ڪئي ته  وقتي صدر محمد ميان سومرو هڪ آرڊيننس ذريعي هٽايل ججن کي بحال ڪري. جڏهن ته نواز شريف ايندڙ 72 ڪلاڪن ۾ جج بحال نه ڪرڻ جي صورت ۾ حڪومت کان عليحدگي جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي آهي. آمريڪي اخبار مطابق حڪمران اتحاد گذريل ڏينهن به ججن جي معاملي تي ڪنهن نتيجي تي نه پهتو. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پرويز مشرف جي استعيفا سان گڏ ئي اتحاد هڪ ٻئي جون ٽنگون ڪڍڻ شروع ڪري ڇڏيون آهن. خانگي ٽي وي مطابق هٽايل ججن جي بحالي ۾ رڪاوٽ جي حوالي سان چيو ويو آهي ته آصف زرداري ۽ ٻيا اهڙا ماڻهو جن اين آر او جي ذريعي معافي حاصل ڪئي آهي، انهن ماڻهن کي ڊيڄاريو پيو وڃي ته هٽايل چيف جسٽس افتخار چوڌري جي بحالي جي صورت ۾ اين آر او کي رد ڪيو ويندو. جڏهن ته جسٽس عبدالحميد ڏوگر کي به استعيفا ڏيڻي پوندي. پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ ميان نواز شريف 72 ڪلاڪن اندر جج بحال نه ڪرڻ جي صورت ۾ حڪومت کي ڌمڪي ڏئي ڇڏي آهي. آمريڪي اخبار جي رپورٽ مطابق پرويز مشرف جي ملڪي صدارت تان استعيفا جي هڪ ڏينهن کان پوءِ ٿيندڙ حڪمران پارٽين جي اجلاس ۾ پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئر مين آصف علي زرداري هٽايل چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري کي بحال ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي ۽ اخبار جي دعويٰ آهي ته آصف علي زرداري موجوده چيف جسٽس عبدالحميد ڏوگر کي قائم رکڻ جي حق ۾ آهي.