دبئي(مانيٽرنگ ڊيسڪ) |
|
لنڊن ۾ پاڪستاني سفارتخاني جو اهلڪار پراسرار نموني فوت لنڊن(مانيٽرنگ ڊيسڪ)لنڊن ۾ پاڪستاني سفارتخاني جو اهلڪار پراسرار نموني فوت ٿي ويو.خانگي ٽي وي چئنل موجب لنڊن ۾ موجود پاڪستاني سفارتخاني جو هڪ اهلڪار منير احمد عمارت تان ڪري پيو، جيڪو سخت زخمي ٿي پيو، ڊاڪٽرن فوري طور تي کيس طبي امداد فراهم ڪئي، پر سندس جان نه بچي سگهي، جڏهن ته اهو به شڪ ظاهر ڪيو پيو وڃي ته پاڪستاني اهلڪار خودڪشي ڪئي آهي، ان سلسلي ۾ جاچ ۾ سمورن رخن کي شامل ڪيو ويندو، جڏهن ته پاڪستاني اهلڪار جي فوت ٿيڻ کانپوءِ سيڪيورٽي فورسز پاڪستاني سفارتخاني جي عمارت کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو هو. |