ميران شاهه(اي ايف پي)

افغانستان ۾ القائده ڪمانڊر ۽ نيٽو  اهلڪار  مارجي ويا

ڪابل (فارين ڊيسڪ) افغانستان  ۾ آمريڪي بمباري ۾ القاعد جو اهم ڪمانڊر  ابو عبدالله شامي مارجي ويو آهي، جيڪو القاعده جو  اهم ڪمانڊر ٻڌايو پيو وڃي، ابو عبدالله شامي جي مارجڻ جي تصديق  القاعده پڻ ڪئي آهي، ٻئي پاسي اتحادي فوج چيو آهي ته  پاڪ- افغان  سرحد واري صوبي ڪنڙ ۾ طالبان جي  حملي ۾ 5 نيٽو اهلڪار مارجي ويا آهن، جن ۾ 4 افغان فوجي ۽ هڪ شهري شامل هئا، ٻئي پاسي  طالبان دعويٰ   ڪئي آهي ته  انهن ڪنڙ جي ضلعي گورنر کي  اغوا ڪري ورتو آهي، جڏهن ته صوبائي گورنر فضل الله واحدي تصديق ڪندي چيوته سندن ضلعي گورنر عبدالغياث گم ٿي ويو آهي.