دبئي (مانيٽرنگ ڊيسڪ)

ڀارت کي بيت الله محسود سان جلد رابطا ختم ڪرڻ گهرجن:رحمان ملڪ

واشنگٽن (فارين ڊيسڪ) وزيراعظم جي گهرو معاملن بابت صلاحڪار رحمان ملڪ چيو آهي ته پاڪستان اندر دهشتگردي جي سمورين ڪاررواين ۾ ڀارت ملوث آهي، ان کي بيت الله محسود سان رابطا ختم ڪرڻ گهرجن، واشنگٽن ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي رحمان ملڪ چيو ته آءِ ايس آءِ بابت نيويارڪ ٽائمز رپورٽ بي بنياد آهي، هن چيو ته آمريڪي دوري جو مقصد آمريڪا جا خدشا ختم ڪرڻ آهن، هن چيو ته اسين جنگ لاءِ تيار ناهيون، ان لاءِ اسان کي جديد ٽيڪنالاجي جي ضرورت آهي، هن چيو ته ملڪي ايجنسيون درست رخ ۾ ڪم ڪري رهيون آهن.