|
برطانيا ۾ پاڪستاني شاگردياڻي جي مارجڻ
۾ مائٽن جي ملوث هئڻ جو انڪشاف
لنڊن
(مانيٽرنگ ڊيسڪ) برطانيا ۾ 4 سال اڳ درياءَ مان هٿ آيل
پاڪستاني ڇوڪري شفيلا احمد بابت انڪشاف ٿيو آهي ته هن مائٽن
پاران زبردستي پاڪستان ۾ شادي ڪرائڻ تان ڪاوڙجي آپگهات ڪيو هو،
گهرن واري مرڪز جي سار سنڀال ڪندڙ ايني ميري ووڊس عدالت کي
ٻڌايو ته شفيلا وٽس مشوري لاءِ آئي هئي ۽ چيو هو ته واپس گهر
نه وينديس، مون کي مائٽ شادي نه ڪرڻ سبب ماري ڇڏيندا، اسڪولي
شاگردياڻي پاران اهڙو لکيل بيان هن عدالت ۾ پڻ پيش ڪيو، جنهن ۾
ڄاڻايل آهي ته منهنجا مائٽ مون کي زبردستي پاڪستان ۾ ڪنهن
اجنبي شخص سان شادي ڪرائڻ چاهين ٿا، جنهن بعد هوءَ لاپتا ٿي
وئي هئي ۽ ڪجهه ڏينهن کانپوءِ سندس چچريل لاش ڪمبيرين ندي مان
هٿ آيو هو.
|