جڏهن فلمون ڏسندو هئس،ماڌوري تمام گهڻو وڻندي هئي:صدر زرداري

اسلام آباد: صدر آصف علي زرداري ڪانفرنس ۾ خطاب ڪندي مختلف سوالن جا دلچسپ جواب ڏنا، ڀارتي صحافي پاران پڇيل سوال جي جواب ۾ صدر آصف علي زرداري چيو ته هن وقت فلمون ڏسڻ جو وقت نٿو ملي پر جڏهن فلمون ڏسندو هئس ته ماڌوري ڊڪشٽ تمام گهڻي وڻندي هئي، ان کانسواءِ صدر آصف علي زرداري ٻين سوالن جا پڻ حاضر جوابي سان جواب ڏنا، جنهن سان ڪانفرنس جو ماحول خوشگوار ٿي ويو.