|
جسٽس ڏوگر عمري جي سعادت ماڻڻ
لاءِ سعودي عرب روانو، جسٽس فقير محمد وقتي چيف جسٽس طور حلف
کڻي ورتو
اسلام
آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) چيف جسٽس عبدالحميد ڏوگر عمري جي ادائگي
لاءِ سعودي عرب روانو ٿي ويو آهي، جڏهن ته جسٽس فقير محمد کوکر
وقتي چيف جسٽس جي عهدي جو حلف کڻي ورتو آهي، جسٽس فقير محمد
کوکر جي حلف برداري تقريب ۾ سپريم ڪورٽ جا جج ۽ سينيئر وڪيل
شريڪ ٿيا، جسٽس قائم علي جان کيس حلف کڻايو. |