اسلام آباد (بيورو رپورٽ) |
|
برطانيا جي ويزا سروس جزوي طور بحال،اسلام آباد مرڪز اڻ ڄاڻايل مدي تائين بند اسلام آباد (بيورو رپورٽ) برطانيا پاڪستان ۾ ويزا سروس جزوي طور تي بحال ڪري ڇڏي آهي، اسلام آباد ۾ قائم برطانوي هاءِ ڪميشن جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته ڪراچي ۾ 8 آڪٽوبر ۽ لاهور ۾ 13 آڪٽوبر کان ويزا لاءِ درخواستون وصول ڪيون وينديون، هاءِ ڪميشن موجب آزاد ڪشمير جي شهر مير پور ۽ اسلام آباد ۾ ويزا مرڪزن ۾ سيڪيورٽي انتظام ٿي رهيا آهن، انتظام مڪمل ٿيڻ بعد اهي مرڪز به کوليا ويندا، برطانيا جي هاءِ ڪميشن ويزا لاءِ نيون درخواستون ڏيندڙن کي صلاح ڏني آهي ته اهي ڪال سينٽرن سان رابطا ڪن ۽ ملاقات لاءِ وقت طئي ڪن، اهڙا درخواستگذار جن اڳ ۾ درخواستون ڏنيون آهن، انهن کي مشورو ڏنو ويو آهي ته اهي انتظار ڪن ۽ هو پاڻ ئي پاسپورٽ وصول ڪرڻ لاءِ هاءِ ڪميشن سان رابطو ڪن، واضح رهي ته 20 سيپٽمبر تي ميريئٽ هوٽل ۾ بم ڌماڪو ٿيڻ بعد برطانيا پاڪستان ۾ ويزا سروس معطل ڪري ڇڏي هئي، جڏهن ته برطانوي فضائي ڪمپني پنهنجون اڏامون معطل ڪرڻ جو به اعلان ڪيو هو، پاڪستان حڪومت مڪمل سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ جي خاطري بعد برطانيا ويزا سروس بحال ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، جڏهن ته برٽش ايئرويز طرفان اڏامون بحال ڪرڻ لاءِ ڪو به فيصلو سامهون ناهي آيو.
|