1451 فوجي عملدار ۽ اهلڪار مختلف سول ادارن ۾ اڃا تائين مقرر

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزارت دفاع سميت مختلف سول ادارن ۾ 144 فوجي آفيسرن ۽ 1307 جونيئر ڪميشنڊ آفيسرن ۽ فوجي جوانن جي موجودگي برقرار، آءِ ايس پي آر ڄاڻايل مختلف سول ادارن ۾ فوجي عملدارن جي تعيناتي کي سيڪيورٽي مفادن ۽ قومي ضرورت قرار ڏنو آهي، مختلف سول ادارن مان فوجي عملدارن جي واپسي جي حوالي سان آءِ ايس پي آر جي ترجمان تفصيل جاري ڪندي ڄاڻايو آهي ته مختلف سول ادارن مان 166 فوجي آفيسرن ۽ 499 جونيئر ڪميشنڊ آفيسرن ۽ فوجي جوانن کي واپس ڪيو ويو آهي، جتي انهن جي ضرورت نه هئي، جڏهن ته دفاع واري وزارت، وزارت دفاعي پيداوار، اينٽي نارڪوٽڪس فورس، سروي آف پاڪستان، زلزلي متاثرن جي بحالي واري اداري (ايرا) ۽ ٻين ضرورت ۽ ورڪ فورس جي ضرورت سبب مقرر عملدارن کي برقرار رکيو ويو آهي، ترجمان ڄاڻايو ته مجموعي طور 144 فوجي آفيسر ۽ 1307 جونيئر ڪميشنڊ آفيسر ۽ فوجي جوان ڄاڻايل سول ادارن ۾ ڪم ڪري رهيا آهن.