اسلام آباد کان مظرف پيرزادي جي رپورٽ |
|
بجلي جي شديد کوٽ،رمضان المبارڪ ۾ به لوڊشيڊنگ جاري رهندي:پيپڪو اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) رمضان المبارڪ ۾ به لوڊشيڊنگ جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، پيپڪو ذريعن موجب کين بجلي جي شديد کوٽ جو مسئلو درپيش آهي ۽ بجلي جو شارٽ فال 4 هزار ميگاواٽ کان به وڌي ويو آهي، تنهن ڪري ملڪ اندر بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ وڌي ويندي، واضح رهي ته وفاقي پاڻي ۽ بجلي جي وزارت رمضان المبارڪ ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ گهٽائڻ جو فيصلو ڪيو هو، جڏهن ته گهڙيون هڪ ڪلاڪ اڳتي ڪيون ويون پر اهو تجربو به ناڪام ٿي ويو. |