|
موت جي سزا
ختم ڪرڻ جو اعلان واپس نه ٿيو ته اتحاد نه هلندو:فضل الرحمان
اسلام
آباد (بيورو رپورٽ) پ پ جي حڪومت ۾ اتحادي جماعت جي يو آءِ
وزيراعظم پاران شهيد بينظير ڀٽو جي جنم ڏينهن تي موت جي سزا
وارن قيدين جي سزا عمر قيد ۾ تبديل ڪرڻ واري اعلان جي مخالفت
ڪري ڇڏي آهي ۽ حڪومت تي واضح ڪيو آهي ته اعلان واپس نه ورتو
ويو ته اتحاد نه هلي سگهندو، جڏهن ته مخالف ڌر ۽ سرڪاري ڌر جي
ميمبرن پاران موت جي سزا عمر قيد ۾ بدلائڻ واري اعلان جي حمايت
ڪئي وئي آهي، قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران جي يو آءِ جو
سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ سندس ڀاءُ مولانا عطاءُ الرحمان
پوائنٽ آف آرڊر تي ڳالهائيندي چيو ته وزيراعظم موت جي سزا وارن
قيدين جي سزا عمر قيد ۾ تبديل ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، جن کي
سياسي بنيادن تي موت جون سزائون مليون آهن ته انهن کي عمر قيد
نه پر آزادي ملڻ گهرجي، باقي قتل جو ڏوهه معاف مقتول جا وارث
ئي ڪري سگهن ٿا، حڪومت سان اتحادي ٿيڻ وقت جي يو آءِ اهو شرط
رکيو هو ته حڪومت قرآن ۽ سنت خلاف فيصلو نه ڪندي پر وزيراعظم
کي ڪنهن جي موت جي سزا ختم ڪرڻ جو حق ناهي، ان ڪري حڪومت کي
اهو فيصلو واپس وٺڻو پوندو، ائين نظام نه هلندو، هن چيو ته
عدالتن جي ڪمزور ۽ پوليس جي غلط جاچ جا حوالا ڏيڻ سان هڪ
پنڊورا باڪس کلي ويندو، شيراز احمد چيو ته وزيراعظم موت جي سزا
کي عمر قيد ۾ مٽائڻ جو بهتر فيصلو ناهي ڪيو، ان تي نظرثاني ٿيڻ
گهرجي، نديم افضل گوندل چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سزا موت
گهٽائي عمر قيد ڪئي، هن چيو ته اهو فيصلو بهتر آهي، ڇو ته
پوليس جي جاچ جو طريقو خراب آهي، هن چيو ته موت جي هڪ به
بيگناهه کي بچائڻ لاءِ جيڪڏهن 80 گناهگارن کي فائدو ٿئي ٿو ته
به اهو فيصلو درست آهي، ق ليگ جي رياض فتيانه چيو ته مولانا
فضل الرحمان جي سربراهي ۾ ڪاميٽي جوڙي اسان ان اڳيان ثابت
ڪنداسين ته موت جي سزا ختم ڪري عمر قيد ڪرڻ وارو فيصلو درست
آهي. |