وقتي صدر جون وزيراعظم ۽ مشرف سان ملاقاتون،ملڪي صورتحال تي ڳالهيون

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وقتي صدر  محمدميان سومرو وزيراعظم  هائوس پهچي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني   ۽ آرمي هائوس ۾ اڳوڻي صدر پرويز مشرف سان ملاقات ڪئي آهي،  ملاقات دوران وقتي صدر سان سندس گهر واري  به گڏ هئي،  وقتي صدر  وزيراعظم  سان ملڪ جي صورتحال تي خوشگوار ماحول ۾ ڳالهيون ڪيون، قومي اسيمبلي  جي اسپيڪر ڊاڪٽر فهميده مرزا پڻ وزيراعظم يوسف رضا گيلاني سان الڳ ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ قومي اهميت جي مامرن تي غور ڪيو ويو، جڏهن ته  وقتي صدر محمد ميان سومري ڪالهه آرمي هائوس راولپنڊي ۾ اڳوڻي صدر پرويز مشرف سان ملاقات  ڪئي، ملاقات ۾ ملڪي سياسي صورتحال ۽ امن امان سميت  مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون.