بيت الله محسود ٻيهر سخت عليل، ڊاڪٽرن پاران کيس بچائڻ لاءِ ڪوششون تيز

اسلام آباد (آن لائن) پاڪستان ۾ طالبان جو ليڊر بيت الله محسود شگر جو مرض شدت اختيار ڪرڻ سبب ٻيهر سخت عليل ٿي ويو آهي، جڏهن ته سندس علاج  ۽ صحتيابي لاءِ موجود ڊاڪٽرن کيس بچائڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون آهن ، انتهائي ذميوار ذريعن  موجب عيدالفطر جي موقعي تي خابرو ذريعن عسڪريت پسند ڪمانڊر جي موت جي خبر ڏيندي چيو هو ته طالبان ليڊر شگر جي مرض ۾ مبتلا ٿيڻ  سان گڏو گڏ  سندس گڙدن ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو هو، ذريعن مطابق وزيرستان ۾ وڏي تعداد ۾ مقامي طالبان پنهنجي ليڊر جي وڏي عمر لاءِ خاص دعائون گهرڻ سميت گهيٽن جو صدقو به ڏنو، جڏهن ته بيت الله محسود جي وفات واريون افواهون غلط ثابت ٿيڻ تي مختلف جاين تي جشن ملهايو ويو، بيت الله محسود ڏکڻ وزيرستان جي قبائلي علائقن ۾ قائم تحريڪ طالبان جو سربراهه آهي ۽ ان گروپ کي ڪيترن ئي خودڪش حملن، حڪومت جي حامين جي اغوا ۽ قتل جو ذميوار قرا ر ڏنو ويو آهي، ذريعن مطابق بيت الله محسود پاڻ به ان حوالي سان وضاحت ڪرڻ گهري پر مرض  ۾ ٻيهر شدت ٿيڻ سبب سخت عليل ٿي ويو آهي  ۽ سندس شگر ليول تمام گهٽ ٿي ويو آهي، واضح رهي ته اڳوڻي صدر پرويز مشرف بيت الله محسود تي الزام لڳايو هو ته هو اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو جي قتل جو ذميوار آهي.