|
وفاقي ڪابينا ۾ جولاءِ ۾ واڌ جو امڪان،سنڌ مان پ پ جا 5 وزير کنيا ويندا، جي يو آءِ ۽ اي اين پي کي وڌيڪ هڪ هڪ وزارت ڏني ويندي اسلام آباد (رپورٽ:قربان بلوچ) وفاقي ڪابينا ۾ جولاءِ جي پهرين هفتي ۾ واڌ جا امڪان آهن، ذريعن مطابق وفاقي ڪابينا ۾ پ پ جي 10 کان وڌيڪ وزيرن، جي يو آءِ ۽ اي اين پي جي هڪ هڪ وزير کي شامل ڪيو ويندو، ذريعن مطابق پ پ سان واسطو رکندڙ 10 کان وڌيڪ وزيرن ۾ 5 کان وڌيڪ وزيرن جو واسطو سنڌ سان آهي، جڏهن ته پ پ جي سينيئر اڳواڻ آفتاب شعبان ميراڻي کي وفاقي وزير جي رتبي برابر اهم ذميواري ڏني پئي وڃي، ڪابينا ۾ سنڌ سان واسطو رکندڙ وزيرن ۾ رفيق احمد جمالي، اعجاز حسين جکراڻي، نبيل گبول، يوسف ٽالپر، مير هزار خان بجاراڻي ۽ شگفته جماڻي جا نالا کنيا پيا وڃن، ذريعن مطابق وفاقي ڪابينا ۾ توسيع پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري جي وطن واپسي کانپوءِ ڪئي ويندي، جيڪو 3 جولاءِ تي وطن واپس اچي رهيو آهي، جنهن بعد 4 جولاءِ کان 9 جولاءِ تائين وفاقي ڪابينا ۾ واڌ جا امڪان آهن.
|