|
وزيراعظم گيلاني کان اڳ ملڪ جي 7 حڪمرانن تي قاتلاڻا حملا ٿي چڪا اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم گيلاني کان اڳ ملڪ جي 7 حڪمرانن تي قاتلاڻا حملا ٿي چڪا آهن، 1951ع ۾ وزيراعظم لياقت علي خان، 1968ع ۾ صدر ايوب، 88 ع ۾ صدر ضياءَ جهاز حادثي ۾ مارجي ويو، نواز شريف 99 ع ۾ قاتلاڻي حملي ۾ بچي ويو، مشرف تي 2 ۽ اڳوڻي وزيراعظم شوڪت عزيز تي قاتلاڻو حملو ٿيو، شهيد بينظير 18 آڪٽوبر تي محفوظ رهي پر 27 ڊسمبر تي لياقت باغ ۾ شهيد ٿي وئي. |