|
(ق) ليگ طرفان حڪومت جي ڪنهن به دوري ۾ شامل نه ٿيڻ جو فيصلو اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) مسلم ليگ (ق) فيصلو ڪيو آهي ته اپوزيشن جو ڪو به ميمبر ايندڙ ڪنهن به حڪومتي دوري ۾ شامل نه ٿيندو، مسلم ليگ (ق) جي اطلاعات سيڪريٽري طارق عظيم هڪ نيوز ايجنسي کي ٻڌايو ته حڪومت پرڏيهي دوري کان پهرين اپوزيشن کي اعتماد ۾ نه ٿي وٺي ۽ نه ئي دوري جي بابت ايجنڊا پارليامينٽ ۾ بحث هيٺان آندي ٿي وڃي، هن چيو ته اپوزيشن احتجاج جو فيصلو ڪيو آهي ته هاڻي ڪو به پارليامينٽ جو اپوزيشن ميمبر ڪنهن به حڪومتي دوري تي حڪومتي پارٽي سان گڏ نه ويندو.
|