پنجاب ۾ (ق) ليگ جي ڪنهن به اميدوار کي بيهڻ نه ڏنو ويو:پرويز الاهي

اسلام آباد(اين اين آءِ) مسلم ليگ (ق) جي اڳواڻ چوڌري پرويز الاهي الزام هنيو آهي ته (ق) ليگ جي اميدوارن کي ڊيڄاري پولنگ ايجنٽن کي لاڪ اپ ڪيو ويو، نجي ٽي وي سان ڳالهه ٻولهه ڪندي هن الزام هنيو ته ٽرن آئوٽ کي گهٽ وڌ ڪري پيش ڪيو ويندو، هن چيو ته پنجاب ۾ (ق) ليگ جي ڪنهن به اميدوار کي انتظاميا بيهڻ نه ڏنو، جيڪو به بيهي ٿو ان جي گهر پوليس پهچي ٿي ۽ ان کي گرفتار ڪري ٿي، هن چيو ته وڪيلن جي ڪاميٽي جوڙي وئي آهي، ان حوالي سان مڪمل ثبوتن سان گڏ تمام جلد ميڊيا جي سامهون اينداسين ۽ حقيقتن کي ظاهر ڪنداسين.