زبيده ڪاليج جي حالت جيل کان به خراب آهي:تعليم جو وزير

حيدرآباد:صوبائي وزير تعليم پير مظهر الحق ٻڌايو ته زبيده ڪاليج جي حالت جيل  کان به وڌيڪ خراب آهي، هن وڌيڪ چيو ته ايجوڪيشن ورڪس وارن کي حڪم ڏنو آهي ته اتي جلد مرمتي ڪم ڪرايو وڃي، نور محمد هاءِ اسڪول ويس ته اتي ڪم هلي پيو.