ڪاوش نازڪ - عورتن تي تشددد- ليڊ آرٽيڪل 2

امبرين هيسباڻي

 

اسان سماج ۾ غربت سبب ڪنهن نياڻي جي ڪنوار بڻجڻ وارا خواب ٽـُـٽندي ۽ ڀـُـرندي محسوس ڪيا آهن پر شايد هوءَ هاڻي صرف هڪ ڇوڪريءَ ناهي، جنهن جي ڪنوار بڻجڻ واري خواب جي ساڀيان وچ ۾ صرف ٿولهه ئي رنڊڪ بڻيل آهي. نياڻين جون شاديون نه ٿيڻ جا سبب اهي هوندا هئا ته ڇوڪري وارا ڏاج نه ٿا ڏئي سگهن يا وري ڇوڪري پڙهيل نه آهي، انهي مان ڪيترائي عيب ظاهر ڪيا ويندا هئا پر هاڻي ڇوڪرين سان گڏوگڏ سندن مائٽ به انهن جي ٿولهه جي ڪري پريشان آهن ۽ کين اها فڪر هر سندس اندر کي اڏوهي جيان هر وقت کائيندو آهي ته سندن ڌيءَ سان شادي ڪير ڪندو يا ٿولهه کي ختم ڪرڻ لاءِ مائرون پاڻ مختلف ٽوٽڪا استعمال ڪرڻ جو مشورو پنهنجين ڌيئرن کي ڏينديون رهن ٿيون. اڄڪلهه ته شايد ٿولهه هر گهر ۾ عورت جو مسئلو بڻيل آهي. اهڙيون ٿلهيون ڇوڪريون يونيورسٽي، ڪاليج يا وري ڪنهن آفيس ۾ ۽ واٽ ويندي نظر اينديون رهنديون آهن، جيڪي هر وقت پنهنجي ڊريسنگ  ۽ ٿولهه کان بيزار نظر اينديون آهن، هو چاهيندي به جينز، ميڪسي، لهنگي جو استعمال نه ٿيون ڪري سگهن. انهن لاءِ سوسائٽي کي منهن ڏيڻ عذاب بڻجي وڃي ٿو. انهي جي ڪري انهن جي ذهنن ۾ هر وقت جم جوائن ڪرڻ، گهر ۾ ورزش ڪرڻ، روزانو اخبار ۾ لڳل اشتهار ۽ ٽي وي چئنل تي مختلف اشتهار ڏسڻ کانپوءِ مختلف سوچون ذهن ۾ ڦرنديون رهنديون آهن پر کين انهن مان ڪجهه به سمجهه ۾ نه ايندو آهي ته هو ڪهڙي شين جو استعمال ڪن. جيئن اسان مٿي اهو ڄاڻايو  آهي ته ٿولهه جي ڪري ڇوڪرين جون شاديون نه ٿيون ٿين، انهن مان هڪ اها ڇوڪري جيڪا پنهنجي هر رات چنڊ تارن ڏانهن نهاريندي اهو ئي سوچيندي رهي ٿي ته ڇا منهنجي شادي ٿيندي ڇا مان ڪنوار وارو ڳاڙهو ويس پائينديس ۽ هو پنهنجين اکڙين ۾ شادي جا سپنا آڻي ٿي ۽ پنهنجي هر رات انهن خوابن پٺيان ڏئي ٿي پر جڏهن صبح جو اٿي ٿي ته ”ساڳي ماني ساڳ سان،“ هڪدم هن جي نظر پنهنجي ٿولهه ڏانهن پوي ٿي اها هڪ ڪرن نه آهي، جيڪا پنهنجي ٿولهه مان پريشان آهي، ڪرن جهڙيون ڪافي اهڙيون ڇوڪريون آهن جيڪي پنهنجي جسم جي سنهي ٿيڻ جي انتظار ۾ رهن ٿيون، بهرحال جڏهن ڪرن سان ٿولهه بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي ته ڪرن ٻڌايو ته منهنجي ٿولهه جو سبب آئون پاڻ آهيان، مان ننڍي هوندي تمام گهڻا چاڪليٽ کائيندي هيس، جنهن سان آئون ٿلهي ٿيندي ويس، هينئر ايڏا هيلا وسيلا هلايا اٿم پر مان سنهي نه ٿي ٿيان. هينئر منهنجي عمر 30 سال آهي، منهنجي ايڏي عمر هجڻ جي ڪري اڃا منهنجي شادي نه ٿي آهي، مون سان گڏ ڪاليج ۾ منهنجون ساهيڙيون پڙهنديون هيون، اڄ اهي پنج پنج ٻارن جون مائرون آهن، منهنجي شادي نه ٿيڻ جي ڪري مان ته پريشان آهيان پر مون سان گڏ منهنجا گهر وارا به پريشان آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ ڪرن ٻڌايو ته ائين نه آهي ته منهنجا رشتا نه ٿا اچن، منهنجا رشتا تمام گهڻا سٺا اچن ٿا پر جڏهن رشتي وارن جي نظر مون تي پوي ٿي ته رشتي کان انڪار ڪري ڇڏين ٿا. هر رشتي پٺيان انڪار جو سبب منهنجي ٿولهه آهي، مون کي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته مان ڇا ڪريان، مان ڪافي ڀيرا  جم جوائن ڪيو آهي، هر دوا استعمال ڪئي آهي ۽ هاڻي روزانو ٽي وي تي مختلف مشينري جو ايڊ اچي ٿو، اهي مشينري استعمال ڪيون آهن، انهي سان گڏوگڏ بيلٽ به استعمال ڪيو آهي پر ڪنهن مان ڪوبه فائدو نه آهي. ٿولهه ۾ ورتل سميرا جو چوڻ آهي ته مان ننڍي هوندي کان ٿلهي نه آهيان ۽ نه ئي پڙهائي دوران ڪڏهن ٿلهي ٿيس منهنجي ٿولهه ۾ وڌاءُ منهنجي شادي کانپوءِ ٿيو، جڏهن منهنجو پهريون ٻار ٿيو، ان کانپوءِ مون محسوس ڪيو ته هاڻي منهنجو وزن وڌندو پيو وڃي. معاشري وارن جي مون کي ڪابه پرواهه نه آهي، هو منهنجي ٿولهه بابت ڇا چون ٿا، انهن ڳالهين تي مان ايترو غور نه ڪندي آهيان، مان مڃان ٿي جيڪا مان آهيان سان آهيان، جيڪي ڇوڪريون انهن ڳالهين کي مڃينديون آهن پوءِ اهي ڊپريشن جو شڪار هونديون آهن، چڙ چڙيون ٿي وينديون آهن، انهن جي ذهنن ۾ اهي ڳالهيون ڦرنديون آهن ته ماڻهو مون کي ٿلهي چون ٿا، اهي ڳالهيون انهن لاءِ عذاب بڻجي وينديون آهن، پوءِ سوسائٽي کي منهن ڏيڻ جي قابل نه رهنديون آهن، تڏهن هو دوائون، جم يا مختلف ٽوٽڪا استعمال ڪنديون آهن ۽ انهن کي ڪافي سائيڊ ايفيڪٽ به ٿيندا آهن، مان انهن شين بابت ڪڏهن نه سوچيو آهي، مون کي اهي سڀ ڳالهيون فضول لڳنديون آهن، هاڻي نفسانفسي جو دور ٿي ويو آهي، هتي هينئر هڪٻئي سان ڳالهائڻ لاءِ ٽائيم نه آهي ته اسان پنهنجي قيمتي وقت ۾ ٿولهه کي گهٽائڻ پٺيان ته نه لڳنداسين، هونئن به مان وڪالت ڪري رهي آهيان، مان پنهنجي آفيس ڪلائينٽ ۽ گهر کي ٽائيم ڏيان يا ٿولهه بابت سوچيان. منهنجو پنهنجو هڪ الڳ اسٽائل آهي، جينز، شرارو، پاجامو وغيره جڏهن مون کي انهن شين جو شوق هو، تڏهن اهي ڊريس يوز ڪيا آهن، اهي سڀ شادي کان پهرين جا شوق هئا پر جڏهن ڪا عورت ماءُ بڻجي وڃي ٿي ته هو ٿوري گهڻي ماءُ نظر اچي، باقي شادي کانپوءِ هروڀرو اهڙيون ڊريسنگ پائڻ صحيح نٿو لڳي. منهنجي لاءِ شلوار قميص بلڪل بهترين ڊريس آهي، اها هڪ اهڙي ڊريس آهي، جيڪا سنهي ماڻهو تي به ٺهي ٿي ته ٿلهي تي به باقي ٻين شين جو ڪو خاص شوق نه آهي، منهنجي ٿولهه تي منهنجي مڙس کي ڪابه پريشاني نه آهي ۽ نه وري اهو فڪر اٿس ڪو هن کي اهو چيڙائيندو ته تنهنجي گهر واري ٿلهي آهي، منهنجا ڀاءُ ڀيڻ اڪثر مون کي چيڙائيندا آهن، مذاق ڪندا آهن، ايڏي ٿلهي ٿي وئي آهين، ايترو گهڻو نه کاءُ پر مان انهن جي ڳالهين تي چڙندي نه آهيان پر انهن جي ڳالهين کي انجواءِ ڪندي آهيان، پوءِ ان لاءِ مون کي ڪير ايترو نه چيڙائيندو آهي، جيڪڏهن مان چڙڻ شروع ڪريان ته هو هر ٻن منٽن ۾ مون کي چيڙائيندا، هڪ شيءِ آهي، اسان ان کي مڃون ٿا، ها واقعي مان ٿلهي آهيان، جيڪو مون کي به محسوس ٿئي ٿو. ان لاءِ چڙڻ بيڪار آهي، ماڻهو ته عمر تي به چڙندا آهن نه منهنجي ايڏي وڏي عمر نه آهي پر ماريا ٿولهه سبب ڏاڍو پريشان آهي، حيدرآباد جي رهواسڻ ماريه جو چوڻ آهي ته منهنجي به خواهش آهي ته مان سنهي هجان، مان پنهنجي ٿولهه جي ڪري ڏاڍي پريشان رهندي آهيان، ڇو جو هر ماڻهو مون کي ٽوڪيندو رهندو آهي ته ٿلهي آهين، تنهنجي مٿان ڪابه ڊريس سوٽ نٿي ڪري. اها ڳالهه هاڻوڪي نه آهي جو مون کي منهنجا گهر وارا، ساهيڙيون چيڙائن ٿيون، ٿلهي آئون ننڍي هوندي کان آهيان، هن وقت مئٽرڪ جي شاگردياڻي آهيان، ٿولهه جي ڪري مون کي ڪافي پريشانين کي منهن ڏيڻو پوندو آهي، جيئن ته منهنجو قد به ننڍو آهي، مٿان وري هي ٿولهه اڃا هڪ پريشاني کي منهن ڏيندي آهيان، مٿان وري ٻي پريشاني اچي ويندي آهي، پوءِ سمجهه ۾ نه ايندو آهي ته پهرين ڪهڙي پريشاني جو حل ڪڍان. ڊائيٽنگ ته مان شروع کان ڪندي پئي اچان پر ان جو مون مٿان فرق ڪونه ٿو پوي نه صرف ڊائيٽنگ پر انهي سان گڏوگڏ مون ڪافي علاج به ڪرايو آهي. مون ڪافي ٿلهين ڇوڪرين کي ڏٺو آهي، جيڪي پنهنجي زندگي وارن مقصدن کي ناڪام ڪري چڪيون آهن. ڇو جو ٿلهي هجڻ جي ڪري انهن جا رشتا نه ايندا آهن، پوءِ اهي ڇوڪريون پاڻ ته پريشان هونديون آهن پر انهن کان وڌيڪ انهن جا والدين پريشان هوندا آهن، ٿولهه جي ڪري اٿڻ، ويهڻ، هلڻ عذاب بڻجي ويو آهي، نه ته مان پنهنجي مرضي جي ڊريس پائي سگهان ٿي نه وري گهر وارن سان گڏ گهمڻ ڦرڻ لاءِ وڃي سگهان، ڇو ته انهن سان گڏ ويندي آهيان ته رستي جا ماڻهو چيڙائيندا آهن، موٽي، هاٿي وغيره جهڙا لفظ ٻڌڻ ۾ ايندا آهن، ڪاش مان به سنهي ٿيان ۽ پنهنجي دل جا سڀ ارمان پورا ڪريان. ساڳي ريت فضيلا جو چوڻ آهي ته مان شادي کان پهرين پنهنجي وزن تي گهڻو غور ڪندي هيس، ڪٿي مان ٿلهي ته نه ٿي ٿيان ۽ هر وقت فٽ رهڻ جي ڪوشش ڪندي هيس ته مون کي ڇا کائڻ کپي ڇا نه مطلب ته هر طرح جو خيال رکڻ، جڏهن ته شادي جي ڪجهه مهينن کانپوءِ مون کي محسوس ٿيو ته منهنجو وزن وڌڻ شروع ٿئي ٿو. اهو به انهي ڪري جو منهنجي رهڻ، کائڻ پيئڻ جو شيڊيول چينج ٿي ويو، پوءِ مون گهر ۾ ورزش ڪرڻ شروع ڪئي ته جيئن مان پنهنجو وزن گهٽائي سگهان، گهر ۾ ته ورزش ڪرڻ سان ڪوبه فائدو نه پيو ٿئي، پوءِ جم جوائن ڪيو، جنهن سان منهنجي ڪافي ٿولهه گهٽجي وئي آهي، ٿولهه وڌڻ سان مان پنهنجي پاڻ کي بلڪل الڳ محسوس ڪري رهي آهيان، ڇو ته ٿولهه جي ڪري نه صرف جسم وڌي ٿو پر ان سان گڏ ڊريسنگ جي فٽنگ تبديل ٿي وڃي ٿي، بهرحال اها ڪوشش جاري رهندي. اهڙي پريشاني فرح بلوچ کي به آهي، فرح بلوچ جو چوڻ آهي ته ٿولهه نه صرف مون کي پر هر ٿلهي ڇوڪري کي پريشان ڪيو آهي، ٿولهه جي ڪري اسان ٿلها ماڻهو اٿڻ ويهڻ کان بيزار آهيون، ٿولهه جي ڪري سستي ٿي وڃي ٿي، گهر جي ڪنهن ڪم ڪرڻ لاءِ دل نه چوندي آهي، ٿولهه جو ٻيو وڏو نقصان اهو آهي ته ان جي ڪري اسان  ڇوڪرين جي عمر وڏي لڳندي آهي، انهي سان گڏوگڏ گهر وارن جون ڳالهيون ٻڌڻ ۾ اينديون آهن، ويهي ويهي ٿلهي ٿي وئي آهين، سڄو ڏينهن کٽ تي ويٺي آهين، ڪو ڪم نه ٿي ڪرين ۽ ساهيڙين وٽ گهمڻ لاءِ وڃ ته اتي انهن جو پهريون سوال ته فرح ايڏي ٿلهي ٿي وئي آهين، پنهنجو علاج ڪرائي، ماني گهٽ کاءُ، اهڙيون ڪافي ڳالهيون ٻڌڻيون ٿيون پون، ٻيو ته ڪپڙن جي فٽنگ به خراب لڳندي آهي، جڏهن مان سنهي هيس ته ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي ڀيڻ جا ڪپڙا استعمال ڪندي هيس پر هاڻي ته ڀيڻ منهنجا ڪپڙا کڻي ٿوري فٽنگ باوجود پائي ٿي پر مان هن جا ڪپڙا نه ٿي پائي سگهان. مان ڪافي ڀيرا ڊائيٽنگ ڪرڻ ۽ جم جوائن ڪرڻ جو سوچيو آهي پر مان انهن تي عمل نه ٿي ڪريان، ڇو ته مون کي ايترو ٽائيم نه ملندو آهي ته ڪو جم تائين وڃي سگهان، سنهي ٿيڻ جو ارمان رب ڪندو پورو ٿيندو، باقي لڳي مشڪل ٿو، ڇو ته مون ڪافي ڇوڪريون ڏٺيون آهن، جيڪي ٿلهيون ٿين ٿيون ته پوءِ ڪيڏي به ڪوشش ڪن هو سنهيون نه ٿيون ٿي سگهن، جم جوائن ڪرڻ جو به ڪو خاص فائدو نه آهي، جم تي وڃي اسان ڪجهه عرصي ۾ وزن گهٽ ته ڪريون ٿا پر جڏهن اسان جم ڇڏي اچون ٿا ته اسان جو وزن وري کان وڌڻ شروع ٿئي ٿو. ”ٿولهه“ اڃا تائين ته گهريلو مسئلو بڻيل آهي پر ڪجهه ڇوڪرين جي ٿولهه جي ڪري شادي نه ٿيڻ انهي ڳالهه جي نشاندهي آهي ته ٿولهه اڳتي هلي هڪ سماجي مسئلو به بڻجي سگهي ٿي پر انهي ٿولهه کي ختم ڪرڻ ته ڏکيو ضرور آهي پر گهٽ ۾ گهٽ عورتون کاڌي ۽ رهڻي ڪهڻي ۾ احتياط ڪري ٿولهه کان پري رهي سگهن ٿيون، ڇاڪاڻ ته مردن جي ڀيٽ ۾ عورتن ۾ ٿولهه وڌائڻ وارا هارمونز وڌيڪ هوندا آهن.