|

پون ڪمار منڌاڻ
هڪ عربي جي چوڻي آهي ته جيڪو ماڻهو صحتمند هوندو آهي اهو اميد
رکندو آهي ۽ جيڪو ماڻهو اميد رکندو آهي اهو ڪاميابي ڏانهن سفر
ڪندو آهي، چوندا آهن ته صحت هڪ دولت آهي، جنهن وٽ صحت آهي اهو
دنيا جو سڀ کان وڏو دولتمند انسان آهي ۽ جنهن وٽ صحت ناهي اهو
دنيا جو سڀ کان وڏو غريب انسان آهي، صحتمند رهڻ جي لاءِ ماهرن
۽ تحقيق ڪندڙن ڪيترائي اصول بيان ڪيا آهن هيٺ اسين اهڙا ئي
ڪجهه اصول پيش ڪيون ٿا، انهن تي عمل ڪري توهان نه صرف پنهنجو
پاڻ کي صحتمند بڻائي سگهو ٿا پر ان کي قائم به رکي سگهو ٿا،
انهن اصولن ۾ پهريون اصول حرڪت ۾ رهڻ آهي. پاڻ کي روزانو حرڪت
۾ رکڻ جي لاءِ ڪو نه ڪو سبب ڳوليو جيڪڏهن توهان کي لفٽ ۽ ڏاڪڻ
جي وچ ۾ چوائس ملي ته يقينن ڏاڪڻ جي چونڊ ڪريو، ٻارن سان راند
کيڏو، پنهنجي دوستن سان آئوٽ ڊور ڪا راند ڪريو، پنهنجي گاڏي کي
پاڻ ئي ڌوئو يا صاف ڪريو، ڪو به ڪم جنهن سان توهان جو جسم حرڪت
۾ اچي اهو ضرورو ڪيو، اهڙا ڪم نه صرف توهان جي صحت لاءِ سٺا
آهن پر توهان جي ذهني دٻاءُ جا به دشمن آهن، ننڍن ننڍن وقفن جي
صورت ۾ ڪافي جسماني سرگرميون ڪري سگهجن ٿيون، ضروري ناهي ته جم
۾ وڃي هڪ ڪلاڪ ورزش ڪجي، يا وري ڪلاڪ ڪنهن ايروبڪ ڊانس ڪلاس ۾
پگهر وهايو وڃي، يا وري ڪڪ باڪسنگ ڪئي وڃي، توهان صرف حرڪت ۾
رهڻ جي ڪوشش ڪريو پوءِ اهو ڇو نه گهر جي ڪم ڪار جي صورت ۾ هجي
يا راند روند جي صورت ۾. ٻيون اصول سڻڀ گهٽايو، ٿولهه سئو
بيمارين جي پاڙآهي، جنهن ۾ دل جي بيماري کان وٺي ڪينسر،
بلڊپريشر، شوگر، هڏن جو سور ۽ ٻيون موت مار بيماريون شامل آهن،
پاڻ کي صحتمند رکڻ جي لاءِ ضروري آهي ته ٿولهه پيدا ڪرڻ وارا
کاڌا نه کائو، مثال طور تريل شيون، برگر ۽ چرٻي وارو گوشت،
تريل پٽاٽا ۽ مڱ ڦريون، ڪيڪ پيسٽريون تمام گهٽ استعمال ڪريو،
ياد رکو ته ٿولهه گهٽائي توهان ڪيترن ئي بيمارين کان بچي سگهو
ٿا، ان کانسواءِ کاڌن مان سڻڀ ڪڍڻ جو هڪ طريقو اهو به آهي ته
کاڌو تيار ٿيڻ کانپوءِ ان کي هڪ ڪلاڪ جي لاءِ فرج ۾ رکو ۽ ان
کان بعد ان کي مٿان ڄميل سڻڀ کي ڪڍي ڇڏيو، يا ان کي بلڪل گهٽ
ڪري ڇڏيو، ياد رکو ته توهان کاڌن ۾ سڻڀ جو استعمال جيترو گهٽ
ڪندا اهو توهان جي صحت لاءِ اوترو ئي فائديمند ثابت ٿيندو.
ٽيون اصول سگريٽ نوشي کان پرهيز ڪريو. 1960ع ۾ جڏهن آمريڪي
سرجن جنرل ڪلارڪ اهو اعلان ڪيو ته سگريٽ ڇڪڻ صحت لاءِ خطرناڪ
آهي ان وقت کان وٺي آمريڪين سگريٽ نوشي ۽ ٻيون سگريٽ جون
عادتون گهٽايون آهن، تازو ئي اهو مشاهدو ڪيو ويو آهي ته
نوجوانن ۽ ننڍي عمر وارن ۾ سگريٽ نوشي جي عادت تيزي سان وڌي
رهي آهي، سگريٽ نوشي ڇڏڻ جي لاءِ خاص قسم جا چيوگم ۽ ٻيا طريقا
اڄ ڪلهه ميسر آهن، ياد رکو ته سگريٽ نه صرف توهان جي صحت پر
توهان جي کيسي جي به دشمن آهي، توهين جيتري رقم سگريٽ جي پيڪٽ
خريد ڪرڻ ۾ ضايع ڪريو ٿا ان پئسن مان توهان صوف، ڪو ٻيو فروٽ
يا چڱي شيءِ کائي فائدو حاصل ڪري سگهو ٿا. چوٿون اصول پنهنجي
ذهني دٻاءُ کي گهٽائڻ آهي. ياد رکو ته حد کان وڌيڪ ذهني دٻاءُ
زندگي کي نقصان پهچائي سگهي ٿو، ذهني دٻاءُ کي گهٽائڻ جا
ڪيترائي طريقا آهن، ان سلسلي ۾ ماهر جيڪي حڪمت عمليون ٻڌائين
ٿا ان ۾ هڪ ته اها آهي ته پنهنجي سوچ کي مثبت رکو، سٺا خيالات
رکو، روزانو اڌ ڪلاڪ اهڙو ڪم ڪيو جنهن کي توهان پسند ڪندا هجو،
مثال طور راند روند، ڪنهن سٺي ڪتاب جو مطالعو ، ڪنهن پياري
دوست سان ملاقات، ڪا سٺي موسيقي ٻڌڻ، ڪا مزاحيه فلم يا ڊرامو
ڏسڻ ڪنهن ٻار سان راند روند ڪرڻ، ڪنهن تفريحي جاءِ تي سير ڪرڻ
وغيره، يوگاجون مشقون ڪرڻ، ورزش ڪرڻ، پنهنجي ڪاوڙ کي قابو ۾
رکڻ، پنهنجي روزمره جي ڪم کي حصن ۾ ورهائي ڪيو، ڪم جو گهڻو بار
نه کڻو جيڪڏهن گهڻو ڪم آهي ته به ان کي حصن ۾ ورهائي ڪيو، اهڙا
ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪيو جنهن سان توهان ذهني دٻاءُ کان بلڪل آزاد
هجو، ذهني دٻاءُ کان ڇوٽڪارو توهان کي ڪيترن ئي قسمن جي مسئلن
کان پري رکي سگهي ٿو. پنجون اصول آلودگي کان بچڻ آهي. دنيا ۾
تيزي سان ترقي جي ڪري سان کي ڪيترائي فائدا ٿيا آهن ۽ ان سان
گڏ نقصان به ٿيو آهي، جن ۾ آلودگي سرفهرست آهي، دنيا ۾ روز
وڌندڙ فيڪٽريون، ڪارخانن جي ڪري تيزي سان وڌندڙ آلودگي انسان
جي لاءِ وڏي نقصانڪار ثابت ٿي آهي، ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ جي
خارج ٿيڻ جي سطح وڌي رهي آهي، اهو ئي سبب آهي جو ماهرن اڄ جي
دور ۾ انساني صحت جي درپيش خطرن ۾ آلودگي کي به شامل ڪيو آهي،
جيڪڏهن توهان ڪنهن اهڙي علائقي ۾ رهندا آهيو جتي ماحول ڏاڍو
آلوده آهي ته گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي ڪمري کي دونهي کان محفوظ رکو،
خاص ڪري دونهي واري ۽ ٽرئفڪ واري جاءِ تي هرگز نه وڃو، اهڙي
جاءِ تي ورزش ڪريو جتي گاڏين ۽ فيڪٽرين جو دونهون نه هجي ۽ اتي
وڏا ساهه به کڻو، جتي دونهون ۽ آلودگي هجي اتي وڏا ساهه نه
کڻو، ورزش جي لاءِ اهڙو وقت چونڊيو جڏهن دونهو نه هجي، پارڪ يا
ساوڪ واري جاءِ تي ورزش ڪيو، يا اتي ورزش ڪيو جتي هوا جي اچ وڃ
سٺي هجي. ڇهون اصول ڊرائيونگ جي دوران سيٽ بيلٽ استعمال ڪرڻ
آهي. ڊرائيونگ دوران سيٽ بيلٽ جو استعمال صحت ۽ وڏي عمر جي
لاءِ وڏي اهميت رکندو آهي، ڇو ته سيٽ بيلٽ جو استعمال اسان کي
حادثي جي صورت ۾ شديد زخمي ٿيڻ کان محفوظ رکي ٿو، حادثي کان
بچڻ لاءِ پنهنجي گاڏي جي رفتار جيتري گهٽ هوندي اوترو ڌڪ گهٽ
لڳندو. ستون اصول پنهنجا ڏند صاف رکڻ آهي. پراڻي زماني کان وٺي
انسان پنهنجن ڏندن جي حوالي سان ڏاڍو منجهيل رهيو آهي، تحقيق
ڪندڙن جي مطابق ڏندن کي صاف ڪرڻ لاءِ مساڳ ۽ وڻن جا ڇوڏا انسان
جي شروعاتي اوزارن ۾ شامل ڪيا ويندا هئا، انسان پراڻي زماني ۾
ڄاڻندو هو ته ڏند صاف نه ڪرڻ جي صورت ۾ اهي نه صرف ظاهري طور
تي خراب نظر ايندا هئا پر ڪيترن ئي بيمارين جا سبب بڻجندا هئا
۽ اهو ڪارڻ آهي ته قديم زماني جا حڪيم ۽ طبيب ڏند صاف ڪرڻ جا
مختلف طريقا جڙي ٻوٽيون ۽ ٻيا ڪيترائي نسخا تيار ڪندا هئا،
امير ۽ جاگيردار قسم جا ماڻهو پنهنجي ڏندن جي حفاظت جي لاءِ
حڪيمن کان مهانگا نسخا تيار ڪرائيندا هئا، نئين تحقيق مان اها
ڳالهه پڌري ٿي آهي ته باقاعدگي سان برش ڪرڻ سان وڏي عمر ٿئي
ٿي، انهن جو پاڻ ۾ تعلق اهي، ڪنهن کي خبر ناهي ته انهيءَ جو
ڪهڙو سبب آهي پر اهو چيو ويندو آهي ته جيڪي ماڻهو پنهنجي ڏندن
کي وڌ کان وڌ صاف ۽ شفاف رکندا آهن اهي پنهنجي صحت جو خيال
وڌيڪ رکندا آهن، خاص ڪري ماني کائڻ کانپوءِ برش ضرور ڪجي، رات
جو سمهڻ کان اڳ ۽ صبح جو اٿڻ مهل برش ڪرڻ کي پنهنجي عادت ٺاهي
ڇڏيو. اٺون اصول نشي ۽ شراب کان مڪمل پرهيز ڪرڻ آهي. ان ڳالهه
جي ڪنهن کي خبر ناهي ته اڄ جي ترقي يافته ۽ دور جي ڪري ماڻهن ۾
دوائن جو استعمال ڪيترو عام ٿي چڪو آهي، ذهني دٻاءُ جي ڪري
نوجوان طبقو خاص ڪري منشيات جي سهاري تي هلي رهيو آهي، اسانجي
معاشري ۾ شراب، ڀنگ، هيروئن ۽ ٻين ڪيترن ئي نشن جو استعمال عام
ٿي ويو آهي، غريب طبقي سان گڏو گڏ امير گهراڻن جي نوجوانن ۾
اها عادت وڌي رهي آهي، جيئن ته اها سڀ کي خبر آهي ته نشو نه
صرف انسان جي جسماني صحت پر ذهني صحت جي لاءِ به بيحد نقصانڪار
آهي ۽ وقت گذرڻ سان گڏو گڏ ان جا منفي اثر پيدا ٿي رهيا آهن،
ماهرن جي مطابق شراب جو گهڻو استعمال توهان کي جگر، گردن ۽
ڦڦڙن جي بيمارين ۽ ڪينسر ۾ مبتلا ڪري سگهي ٿو. خوش رهڻ سکو:
خوش ۽ صاف سٿرو رهڻ جي لاءِ ماهرن جو چوڻ آهي ته منفي نفسياتي
رجحان نه صرف اسانجي معاشري جي پر اسان جي زندگي جي لاءِ به
نقصان ڪار آهي ان سان جسماني صحت تي به خراب اثر پوي ٿو، ڪاوڙ
۽ چڙ چڙي ماڻهن کي نه ئي ڪو پسند ڪندو آهي ۽ نه ئي وري انهن جي
ڪير مدد ڪرڻ پسند ڪندو آهي، ماڻهو نه صرف اهڙن ماڻهن کان پري
رهندا آهن پر انهن جي باري ۾ منفي راءِ رکندا آهن، ان شين
کانسواءِ ان قسم جو رويو انسان جي طبعي صحت تي به اثر انداز
ٿئي ٿو، ان ڪري هر حال ۾ خوش رهڻ سکو ۽ وڏين وڏين خواهشن جي
لاءِ پاڻ کي هلڪو نه ڪيو، اها ئي خوش رهڻ جي ڪنجي آهي، ماهرن
جو پڻ چوڻ آهي ته ساڙ، حسد ۽ ڪاوڙ به صحت لاءِ وڌ ۾ وڌ
نقصانڪار آهي، ان جي لاءِ نفسيات جي ماهرن غصي تي قابو پائڻ جي
لاءِ ڪيترائي طريقا بيان ڪيا آهن، ڪاوڙ جي صورت ۾ نه صرف توهان
پاڻ کي پر ٻين کي به نقصان پهچائي سگهو ٿا ۽ ان کانپوءِ توهان
کي پڇتائڻ کانسواءِ ڪجهه به نه ملندو، ڊاڪٽرن جي مطابق پاڻ کي
صاف سٿرو ۽ دلڪش رکڻ وارا ماڻهو پنهنجي صحت جي باري ۾ ڏاڍا
فڪرمند هوندا آهن، پنهنجي ايندڙ ڏينهن جي منصوبابندي ڪريو،
سڀني سان، مسڪرائي ۽ خوش اصلوبي سان ملو. |