ڪاوش نازڪ - عورتن تي تشدد  - ليڊ آرٽيڪل

نيلم شيخ

 

ماءُ جي رشتي جو نعم البدل هن دنيا ۾ ڪو به رشتو نه آهي، هڪ زمانو هوندو هو، جڏهن ڇوڪريون پنهنجي ماءُ جي دڙڪا ڏيڻ يا مار ڏيڻ واري ڊپ جي ڪري هُن سان ڪابه ڳالهه شيئر نه ڪنديون هيون ۽ ماءُ جو هر چيو مڃي هو پنهنجي دل ۾ اٿندڙ ڪيترن ئي سوالن کي دل ۾ ئي دفن ڪري ڇڏينديون هيون، اها ته هئي پراڻي زماني جي ڳالهه پر اهو تاثر اڄ به ڪٿي ڪٿي موجود آهي، دنيا جيتري تيزي سان اڳتي وڌي رهي آهي، رشتن ۾ ويجهڙائپ ۽ ٻين تي اعتبار به اوتري ئي تيزي سان گهٽجندو پيو وڃي، انهي تيزي جتي ڪيتريون ئي منفي ڳالهيون اسان جي معاشري ۾ پيدا ڪيون آهن، اتي وري ڪجهه اهڙي مثبت سوچ  به پيدا ڪئي آهي، جيڪا وقت جي ضرورت آهي، هر ماءُ پنهنجي ڌيءَ ۾ پنهنجو عڪس ڳوليندي آهي، اڄڪلهه جون ڌيئرون پنهنجون ڳالهيون ڪنهن سهيلي سان شيئر ڪرڻ بدران پنهنجي ماءُ سان شيئر ڪرڻ کي وڌيڪ بهتر سمجهن ٿيون، ان ڪري اڄڪلهه ماءُ ۽ ڌيءَ پاڻ ۾ سٺيون سهيليون ٿي ويون آهن پر ڇا اها بي تڪلفي ۽ فرينڊ شپ وارو نئون رشتو ماءُ ۽ ڌيءَ جي رشتي جي تقدس کي وڃائي ته نه رهيو آهي؟ ۽ ڇا ائين ڪرڻ سان اسان جو معاشرو وڌيڪ بهتر ٿيندو يا ماءُ جو ڌيءَ سان اهڙو ورتاءُ ان جي رشتي کي وڌيڪ مضبوط ڪري ٿو يا اخلاقي قدرن کي مونجهاري جو شڪار بڻائي ٿو، اهي سڀ سوال ذهن ۾ ايندي ئي اسان جي سوچ جو دائرو وڌي وڃي ٿو، نازڪ طرفان مختلف شخصيتن کان ان موضوع تي راءِ ورتي وئي ان بابت  ڪلپنا ديوي ٻڌائي ٿي ته اڄ کان جيڪڏهن اسان 10 سال پوئتي وڃون ته هن وقت ماءُ هجڻ جي حيثيت سان جن Challenges کي اسان منهن ڏئي رهيا آهيون، اهي اسان جي مائرن کي نه هئا، مثال طور تعليم آهي، اڳي تعليم کي ايتري Importance نه هئي پر هاڻي تمام گهڻي اهميت آهي، هينئر گهڻو ڪري جيڪي اسڪول انگلش ميڊيم آهن ته اهي ڪو- ايجوڪيشن ۾ آهن، جڏهن ته مان پاڻ به ڪو – ايجوڪيشن ۾ پڙهي آهيان پر ان وقت ۾ ۽ هن وقت ۾ ڪافي فرق آهي. گذريل 15-20 سالن ۾ خاص ڪري سماج ۾ اسان تي پازيٽو امپڪٽ گهٽ ۽ نيگيٽو امپڪٽ گهڻو پيو آهي، جنهن جي ڪري هن وقت جا جيڪي پيءُ ماءُ آهن، اهي تمام خوفزده به آهن ۽ انهن وٽ ڪو Alternate نه آهي، خاص ڪري جڏهن پريمي جوڙن جا قصا اچن ٿا ۽ ڇوڪريون پنهنجو فري ول استعمال ڪرڻ پسند ڪن ٿيون، جنهن جي ڪري والدين کي اندر ۾ هڪ Sense of un security پيدا ٿي ويو آهي ۽ ٻيو اهو ته اسان وٽ جيڪو محبت کي شيپ ڏئي پيش ڪيو ويو آهي، ان کي محبت نه ٿا چئي سگهون، محبت هڪڙي ريچڪ بڻجي رهجي وئي آهي، جيڏي مهل چڙهيو ته اهو ماڻهو چوندو ته اهو ماڻهو مون کي ملي، جڏهن اهو ريچڪ لهي ٿو ته اها محبت گهر هلائڻ ۽ بصر، پٽاٽن ۾ ٿي هلي وڃي، ان ڪري به هاڻي والدين کي جيڪو Sense of unsecurity آهي ته هو اولاد سان ڳالهائن ٿا، هو ٻڌائي ٿي ته هاڻي منهنجي ڌيءَ 14 سالن جي آهي ۽ منهنجو پٽ 12 سالن جو آهي، مان پنهنجن ٻارن سان Discuss هر ڳالهه تي ڪندي آهيان، منهنجا ٻار مون کان ڊڄندا به گهڻو آهن پر انهن جي ۽ منهنجي وچ ۾ جيڪا لڇمڻ ريکا آهي، اها قائم آهي. ماءُ کان خوف اهو نه پر هڪڙو جيڪو Respect وارو خوف آهي ته منهنجي ماءُ آهي، مون کي ان طريقي سان ان سان هلڻو آهي، امان سان ”تون“ ڪري ناهي ڳالهائڻو پر امي سان ”توهان“ ڪري ڳالهائڻو آهي. ڇوڪري يا ڇوڪرو بي تڪلف ٿيندو ته Automatically ان جي بي تڪلفي ايتري حد تائين وڌي ويندي ته هو سڀني سان ئي ايندڙ وقت ۾ ان نموني سان هلندو يا هلندي ۽ اها ئي شيءِ هو پنهنجي ٻارن کي ڏيندا. مطلب احترام وارو عنصر اهو اسان وٽان ختم ٿي ويندو ۽ تو تڙاڪ واري زبان اچي ويندي ۽ ٻار به والدين سان اهائي Misbehaving واري زبان استعمال ڪندا. هو ٻڌائي ٿي ته منهنجي ئي چوڌاري ڪجهه اهڙا ٻار آهن، جيڪي پنهنجي ماءُ جي عزت نه ڪندا آهن، گارگند يا گهٽ وڌ واري زبان استعمال ڪندا آهن. اهو منهنجي نظر ۾ ان ماءُ جو ئي قصور آهي، جنهن انهن کي ٺيڪ تربيت نه ڏني جو اڄ ان جا ٻار اهڙا ٿي ويا آهن. ان ۾ ان ماءُ جو Lake of Interest به آهي، هاڻي جنهن ماءُ طرف منهنجو اشارو آهي هو 24 ڪلاڪ ٽي وي ڏسي ٿي، هاڻي ٻار جڏهن اسڪول مان اچي ٿو ۽ ان کي ماني جي ضرورت آهي ته منهنجي خيال ۾ ماءُ گهر سنڀالي ته ان کي اها خبر هئڻ گهرجي ته مون کي ڪنهن مهل ٽي وي ڏسڻي آهي، مون کي ڪهڙو پروگرام پنهنجي ٻارن جي اڳيان ڏسڻو آهي، يا جنهن مهل ٻار ويٺا آهن ته اسان کي ڇا ڏسڻ گهرجي ۽ ڇا نه ڏسڻ گهرجي. جڏهن ماءُ ۾ اهي سنسڪار نه آهن ته اولاد ۾ به اهي سنسڪار نه ٿا اچن (جيڪڏهن ننڍڙي ٻار کي ماني نه ٿي ملي ته هو پهرين روئندو ۽ اڃا نه ملندي ته هو غلط ڳالهائيندو پوءِ گارگند تي ايندو، ان تي ماءُ پنهنجي عزت پاڻ ٿي وڃائي) ماءُ ۽ ڌيءَ جي وچ ۾ رشتي جي تقدس برقرار رکڻ لاءِ هو ٻڌائي ٿي ته منهنجي خيال ۾ ماءُ جڏهن Senseable هوندي آهي ته هو پوري گهر کي سنڀاليندي آهي ۽ خاندان ماءُ سان ٺهندو آهي، ڇو ته مرد تقريبن ٻاهر رهي ٿو، هو اوترو ڌيان نه ڏيندو آهي، جيڪا عورت ڏيندي آهي، جيڪڏهن ماءُ ۾ Sense of Living and dignity آهي ته ٻارن ۾ اها شيءِ اچي ويندي، منهنجي گهر ۾ مان باقاعده حساب ڪتاب رکندي آهيان ته هن ٽائيم تي اٿڻو آهي، هن شيڊيول تي توهان کي ٽي وي ڏسڻي آهي يا گيم کيڏڻي آهي، ائين به ناهي ته مان Dominate آهيان پر انهن کي فري هينڊ به هوندو آهي پر جيڪڏهن روزانو هڪ روٽين ٺهيل آهي ته ان کي هيڏي هوڏي ناهي ڪرڻو ڊسٽرب ناهي ڪرڻو ۽ ٻار ان سانچي ۾ ڍلجي ٿا وڃن، جيڪڏهن توهان وٽ اها شيءِ آهي ته ماءُ ۽ ڌيءَ کي پاڻ ۾ ڪيترن ئي موضوعن تي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ گهرجي، گهر جي اندر ڪهڙو ڪهڙو مسئلو ٿئي ٿو، ان تي ان کي ڳالهائڻ گهرجي ۽ ٻاهريان مسئلا مطلب ته ڇوڪري ڪو- ايجوڪيشن ۾ پڙهي ٿي ته ان کي اهو ضرور ٻڌايو وڃي ته توهان کي پنهنجن ڪلاس فيلوز سان ڪيئن Deal ڪجي يا ٽيچرس سان ته ان تي ماءُ ۽ ڌيءَ کي کليل نموني ڳالهائڻ کپي. ماءُ ڌيءَ کي ٻڌائي ته اسڪول ۾ ڪلاس فيلوز سان ڪيئن ڳالهائڻو آهي. ڪهڙي نموني سان اٿڻو آهي يا رئو ڪيئن پائڻو آهي، ڊريسنگ ڪهڙي هجڻ گهرجي. انهن شين تي ڳالهائڻ گهرجي، ٻار جڏهن ماڻهن جي يا مهمانن جي سامهون وڌائي ڳالهائي ٿو ته ان جي اتي، تنبيهه ڪرڻ ضروري آهي پر انهن ماڻهن يا مهمانن سامهون دڙڪا نه ڏيڻ گهرجن ۽ جيڪڏهن مهمان هليا ٿا وڃن ته ماءُ کي بعد ۾ پنهنجي اولاد کي سمجهائڻ گهرجي ته اتي تنهنجو انٽر فيئر قطعن مناسب نه هو يا هي ڳالهه خوامخواهه ايڪسٽرا ڪرڻ جي ضرورت ناهي. ماءُ جو گهر ۾ اولاد سان ڊڪٽيٽرشپ نه هئڻ گهرجي، ماءُ کي ڪڏهن فرينڊلي هجڻ گهرجي ۽ گهڻو ڪري گهر ۾ ٽيبل ٽاڪ ڪرڻ ضروري آهي. ان سان ڇا آهي ته جڏهن Views Sharing ٿي ٿئي ته ماڻهو هر شيءِ هڪٻئي سان شيئر ڪرڻ ۾ گهٻرائي نه ٿو، منهنجي خيال ۾ ماءُ ڌيءَ وچ ۾ شيئرنگ هجڻ ضروري آهي، اسان جي گهر جو ماحول سخت هو ۽ منهنجو گهڻو ڌيان پڙهائي تي هو ته مون کي ثابت ڪرڻو هو ته مان پنهنجي والدين لاءِ ڪجهه ڪريان ته جيئن هو مون تي فخر ڪن. گهر ۾ شيئرنگ جي ڪا ڳالهه هئي ئي ڪونه، بلڪه اتي امڙ سان ڪنهن مهل ڪا ڳالهه شيئر ڪئي سين ته ٺيڪ نه ته پنهنجي وڏين ڀينرن سان ڳالهيون ٿينديون هيون، جيڪا امان تائين Convey ٿي ويندي هئي. سوشيالاجسٽ تنوير جوڻيجو ٻڌائي ٿي ته ماءُ پيءُ جو رشتو تمام ويجهو رشتو آهي، ماءُ ۾ پنهنجائپ ۽ پيار آهي پر ماءُ ڌيءَ ساهيڙيون به آهن ۽ ان سان گڏوگڏ دنيا اڄڪلهه تبديل پئي ٿئي، ان ڪري مختلف قسمن جا مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن ۽ ماءُ جيڪا آهي، اها زندگي جو هڪڙو دور گذاري اچي ٿي، ان جا پنهنجا، تجربا، سوچ ۽ مشاهدا آهن. اڄڪلهه ماءُ ڌيءَ ۾ جيڪا بي تڪلفي وڌي وئي آهي ان متعلق هو ٻڌائي ٿي ته ماءُ ڌيءَ جي دوستي ته آهي پر اهي ڌيئرون ماءُ جي عزت به ڪن ٿيون، اڄڪلهه مون ڏٺو آهي ته جڏهن ڇوڪري جوان ٿي وڃي ته ان سان گڏ ڪراڙي ماءُ به جوان ٿي وڃي ٿي. مائرون به پنهنجي ڌيئرن سان گڏ ئي فيشن ڪن ٿيون ۽ اها سٺي ڳالهه آهي، جيڪڏهن ماءُ ڌيءَ جي دوستي آهي ته ان جي ڌيءَ ان سان پنهنجا مسئلا Share ڪندي آهي. هو ٻڌائي ٿي ته منهنجو منهنجي امان سان دوستي وارو رويو هو ۽ امان کان وڌيڪ بابا سان دوستي وارو رويو هو، مائٽ اسان کي ڊيڄاريندا نه هئا. هو ٻڌائي ٿي ته مان پنهنجي امان سان سڀني موضوعن تي ڳالهائيندي هيس، فلاڻو ماڻهو مون کي وڻي ٿو، اهو به امان کي ٻڌائيندي هيس يا مون کي شادي ناهي ڪرڻي ته به امان کي ٻڌائيندي هيس، ماءُ ۽ ڌيءَ جي رشتن ۾ تقدس به آهي، ويجهڙائپ ۽ پياربه آهي ۽ اهو رويو هئڻ گهرجي ته هڪڙي ماءُ پنهنجي ٻار کي ٻڌائي سگهي ته ڪهڙو صحيح آهي، ڪهڙو غلط آهي پر نياڻي ۾ به اعتماد  ۽ همت هجڻ گهرجي ته هو ماءُ سان هر ڳالهه Share ڪري ۽ ائين نه ڪرڻ سان اها نياڻي غلط هٿن ۾ هلي وڃي ٿي. هو ٻڌائي ٿي ته مائرن کي منهنجي اپيل آهي ته پنهنجي ڌيئرن جون همراز ٿين، انهن جون سهيليون بڻجن، منهنجي هڪ ذاتي راءِ اها به آهي ته ماءُ جيڪا ڌيءَ جو مسئلو ٻڌي ٿي شيئر ڪري ٿي، ته ان جي ڌيءَ غلط راهه تي نه ٿي هلي سگهي، ماءُ گائيڊ لائين ڏيندي ۽ جيڪڏهن اها سلجهيل ماءُ آهي ته اها مدد ڪندي ۽ غلط راهه تي ان کي وڃڻ ڪونه ڏيندي. ساهيڙين جي ڳالهه اها آهي ته ضروري نه آهي ته هر ڇوڪري کي سٺي دوست ملي، ماءُ ڌيءَ جو رشتو رت جو رشتو آهي ته اهي دنيا ۾ بهترين فرينڊس ٺهي سگهن ٿيون. ڇوڪرين جي ٻين ڇوڪرين سان فرينڊشپ آهي پر اها بدلجي به وڃي ٿي پر رت جو رشتو وري به Strong آهي. گلوڪاره تاج مستاني جو خيال مختلف آهي، هو چوي ٿي ته مان نه ٿي سمجهان ته اڄڪلهه ماءُ ڌيءَ جي وچ ۾ بي تڪلفي وڌي وئي آهي. ڇو ته پنج ئي آڱريون برابر نه آهن پر ظاهر آهي ڪٿي نيگيٽو سوچ آهي، ڪٿي پازيٽو آهي. ماءُ جو ڌيءَ سان فرينڊشپ واري رويي بابت هو ٻڌائي ٿي ته پهرين اسان وٽ ايتري تعليم نه هئي ۽ ظاهر آهي ته ڇوڪريون پنهنجي مائٽن جي ڊپ ۽ دٻاءُ ۾ رهنديون هيون ۽ هاڻي جيئن جيئن تعليم سان ماڻهن ۾ شعور آيو آهي، ان حساب سان انهن جي عزت ڪرڻ پنهنجي جڳهه تي آهي، باقي ادب ۽ آداب هجڻ گهرجن، هوءَ ٻڌائي ٿي ته منهنجا ٻار منهنجي سامهون بلڪل نه ڳالهائي سگهندا آهن. ان جي ڪري منهنجا سڀ مائٽ چوندا آهن ته اهي پنهنجي ماءُ کان ڊڄن ٿا، اهو ضروري ناهي ته ان ۾ ڪو فخر ڪرڻ گهرجي ته واقعي منهنجا ٻار مون کان ڊڄن ٿا پر اها هڪڙي عزت آهي، هو ادب ڪن ٿا، اها انهن جي مهرباني، آئون پنهنجا مسئلا پنهنجن مائٽن کي ڪونه ٻڌائيندي هيس، باقي جيڪڏهن ٻار ماءُ پيءَ جي سامهون Direct نه ٿو ڳالهائي سگهي ته اهو مون کي سٺو ٿو لڳي. منهنجي خيال ۾ والدين جو ٻارن سان فرينڊشپ وارو رويو نه هجڻ گهرجي. هو وڌيڪ ٻڌائي ٿي ته منهنجن ٻارن مون سان ڪابه شڪايت Direct نه ڪئي آهي، نه ئي وري ڪنهن جي Through ڪئي آهي. منهنجي چوڻ جو مطلب اهو آهي ته هو بدتميزي نه ڪندا آهن. هن وقت ميڊيا فاسٽ آهي ۽ ميڊيا ۾ ٻار کي گائيڊ ڪرڻ جا طريقا ڏيکاريا ۽ ٻڌايا وڃن ٿا، ڪي ٻار قرب ۾ سمجهن ٿا ۽ ڪي وري مار ۾ ۽ ڪي وري پنهنجي فرمائشن تي سمجهندا آهن، ٻار جي نيچر تي آهي ۽ ان حساب سان والدين کي هلڻو پوي ٿو، سنڌي ۾ چوڻي آهي ته ”جهڙو واهه لڳي ان کي سامهون اچجي“ ماءُ ۽ ڌيءَ ڪهڙن موضوعن تي ڳالهائين ان باري ۾ هو ٻڌائي ٿي ته اسان وٽ اهو آهي ته ڪنواريون ڇوڪريون هر ڳالهه ۾ ماءُ جي ڪلوز نه هونديون آهن پر شادي شده ڇوڪريون پنهنجا ڏک سک ماءُ سان اوري سگهن ٿيون، ڪنواريون ڇوڪريون ڳالهيون شيئر ڪرڻ کان ٿورو لنوائينديون آهن، ان جو ڪو خاص سبب نه آهي پر ادب ۽ آداب ۾ هر ڪنهن ٻار جي پنهنجي پنهنجي سوچ آهي، ڪي ٻار اهو ٿا چون ته هي پنهنجي ماءُ کي اسان واري respect ڇو نه ٿا ڏين ۽ هي ڇو ايترو ماءُ سان فري ٿا ٿين. ڪي ٻار وري سوچن ٿا ته ماءُ سان بلڪل ڪلوز ٿيون ۽ هر ڳالهه شيئر ڪجي ڪو راز لِڪيل نه هجي. منهنجا ٻار منهنجي رويي مان مطمئن آهن، ڇو ته ڪوبه ماءُ پيءُ پنهنجي اولاد لاءِ برو نٿو سوچي سگهي. ليکڪه حسين مسرت شاهه ٻڌائي ته اڄڪلهه awearness ڪافي آهي پراڻي زماني ۾ ڪافي ڳالهيون اهڙيون هونديون هيون جن کان ڇوڪريون بي خبر هونديون هيون، هن دور ۾ ايجوڪيشن ۽ آگاهي آهي. ائين سمجهو ته اڄڪلهه هر ڳالهه جي والدين يا مائٽن کان پهرين خبر ٻار کي آهي. ميڊيا جو دور آهي، ٻار هر قسم جي نيوز پڙهڻ ٿا ٽي وي ڊراما به ڏسن ٿا. گهر ۾ ڪوبه مسئلو ٿيندو هو ته اڳي واري دور ۾ ٻار ڪونه ڳالهائيندا هئا پر هاڻي ٻار پهرين ئي سوال ڪن ٿا. هن جو موقف آهي ته بي تڪلفي ڌيئرن ۽ مائرن وچ ۾ وڌيڪ نه هجڻ گهرجي پر ٿوري هجڻ گهرجي. اسان ته مائٽن کان الائي پري هئاسين، ڪڏهن نه پنهنجي خواهش ٻڌائي سگهنداسين نه ئي پسند نا پسند ڊسڪس ٿيندي هئي، نه ئي وري  والدين ايترو پڇندا به هئا. بس پنهنجي پڙهائي هوندي هئي. اسين لميٽيڊ رهياسين، منهنجي امي جو مون سان بي تڪلفي وارو رويو نه هو، آئون سوچيندي آهيان، ماءُ ڌيءَ جي وچ ۾ فرينڊشپ هئڻ گهرجي. ايتري ڪلوز هجي جو ڇوڪريون ٻاهر فرينڊشپ تلاش نه ڪن، عزت، احترام ته هجڻ گهرجي، اولاد جي رويي مان ظاهر هجي. تو تڙاڪ سان ڳالهائڻ تي ٻڌندڙ ماڻهو تي به خراب اثر پوندو. هو به چوندو ته هي ٻار ڪيئن ٿا مائٽن سان ڳالهائن ۽ جيڪڏهن ٻار دل سان احترام ڪري ٿو ته ان ۾ به ڪا ايتري برائي ڪانهي ”تون“ ڪري ڳالهائڻ ۾ به هڪڙي محبت ۽ پنهنجائپ هوندي آهي، هو ٻڌائي ٿي ته منهنجيون ڌيئرون اڃا ننڍڙيون آهن پر هو هر ڳالهه مون سان Share ڪنديون آهن. مون ان سان ايترو فاصلو ڪونه رکيو آهي، جو هو پنهنجي ڪا ڳالهه ٻڌائي نه سگهن. هو بلڪل فري هونديون آهن، هو پنهنجين فرينڊس متعلق ۽ ڪنهن جي باري ۾ Comments هوندا اٿس ته به هو ٻڌائي ڇڏينديون آهن. بي تڪلفي وارو رويو ماءُ ۽ ڌيءَ ۾ وڌندو ٿو وڃي ته اهو معاشري لاءِ صحيح آهي ۽ غلط به آهي، اڄڪلهه ايتري فرينڊشپ وڌي وئي آهي، موبائيل فون جي ڪري اهي ڇوڪريون موبائيل رکن ٿيون، فرينڊشپ ڪن ٿيون پر جيڪڏهن انهن کي گهر ۾ ريسپانس نٿو ملي ته ٻار کي اڪيلائي محسوس ٿيندي ته هو فرينڊسن ٻاهر تلاش ڪندا. ماءُ جو ڌيءَ سان فرينڊشپ وارو رويو سٺو آهي يا خراب آهي پر ٻارن سان فري ٿيڻو ٿو پوي، اڄڪلهه ڇوڪرين جو ڪيئن ماحول آهي، ڪا خبر نه ٿي پوي، ايتريون ڇوڪريون آزاد ٿي ويون آهن. بجاءِ جو دل جي ڳالهه ٻاهر ڪن، پنهنجي ماءُ سان شيئر ڪرڻ وڌيڪ بهتر آهي. فرينڊشپ هوندي به ماءُ ۽ ڌيءَ جي تقدس کي برقرار رکڻ لاءِ هو ٻڌائي ٿي ته ڌيئرن کي يا پٽن کي مذهب جي ويجهو آڻيو، اڄڪلهه جيترا به مسئلا آهن، انهي ڪري آهن جو اسين پنهنجي مذهب کان پري ٿي ويا آهيون. توهان پنهنجي مائٽن جي خدمت ڪريو، انهن سان Sincere رهو ته توهان جو اولاد توهان کي ڏسي اهو ئي فالو ڪندو. اڄڪلهه سمجهائڻ سان ڪير سمجهي نه ٿو پر ڪري ڏيکارڻو ٿو پوي، اسين پنهنجي ماءُ جي عزت ڪنداسين ته اسان جي ڌيءَ اسان جي عزت ڪندي، اها ڏسندي ته امان اسان جي ناني سان ڪيئن ٿي رويو رکي، بي تڪلفي ڀلي هجي پر جيڪڏهن مذهبي ڄاڻ هوندي ۽ انهن کي ٻڌايو ويندو ته ماءُ جو احترام ڪريو. اين جي او ۾ ملازمت ڪندڙ حنا ٻڌائي ٿي ته اڄ جي جديد ٽيڪنالاجي واري دور ۾ ماءُ ۽ ڌيءَ سهيلين وانگر آهن ۽ ڇوڪريون ڪنهن به دوست سان ايتريون ڳالهيون نه ٿيون شيئر ڪري سگهن، اڄڪلهه ڇوڪريون جيئن ته ٻاهر ڪم ڪار ڪن ٿيون، زندگي ۾ ڪجهه اهڙيون ڳالهيون هونديون آهن، جنهن کي ٻڌائڻ لاءِ صرف ماءُ پيءَ تي ئي اعتماد ڪري سگهجي ٿو. ان ڪري ماءُ ۽ ڌيءَ وچ ۾ بي تڪلفي وڌي آهي ۽ بي تڪلفي وڌڻ جو سبب وقت جي تقاضا آهي. ميڊيا ۾ به ماءُ ۽ ڌيئرن کي سهيلين وارو روپ ڏئي ڏيکاريو وڃي ٿو. هو وڌيڪ ٻڌائي ٿي ته آئون پنهنجي امي سان تقريبن روزانو جيڪو به آفيس ۾ ٿيو يا ٻاهر ڪابه ڳالهه ٿي يا ڪنهن به مون کي ڪجهه چيو يا ڪا رانگ ڪال آئي مطلب هر ڳالهه پنهنجي امي سان شيئر ڪندي آهيان. منهنجي امي مون تي ڏاڍو اعتماد ڪندي آهي، رانگ ڪال ايندي ته به امي چوندي آهي ته ڇڏي ڏيو، جيڪڏهن ڪو تنگ به ڪندو آهي ته به اها ڳالهه امي کي ٻڌائيندي آهيان ۽ امي چوندي آهي ته توهان خاموشي سان پنهنجي ڪم سان ڪم رکو، ان ماڻهو کي Response ڏيو ئي نه ته هو پاڻهي هليو ويندو. منهنجي امي سمجهائيندي آهي ته توهان مردن سان گڏ ڪم ڪريو ٿا ته اتي آفيس ۾ به پنهنجي ڪم سان ڪم رکو، ڪنهن سان به گهڻو نه ڳالهايو. مشهور ليکڪه شبنم گل ٻڌائي ٿي ته ٻارن جي شخصيت ٽن سالن ۾ جڙي راس ٿي ٿئي ۽ چيو وڃي ٿو ته 11 سالن ۾ هن جي تقريبن 85 سيڪڙو شخصيت مڪمل ٿي وڃي ٿي ۽ 9 سالن کان ڇوڪري بلوغت ۾ اچي وڃي ٿي ۽ ڇوڪريون 13 سالن ۾ ميچوئر ٿي وڃن ٿيون. ان ۾ ٻه فيڪٽر آهن، پڙهيل لکيل ماءُ آهي ته ان جو رويو پنهنجي ڌيءَ سان دوستاڻو آهي، منهنجي خيال ۾ اهو هئڻ گهرجي، ان جو هڪڙو سبب آهي. مون هڪڙو ريسرچ آرٽيڪل پڙهيو، ته جيڪي ڇوڪريون جسماني طور تي تڪڙيون وڌن ٿيون، مطلب انهن جي واڌ ويجهه تيز آهي، انهن ۾ جيڪي هارمون ليول سان جسماني تبديليون آهن، ان جي ريڪشن جي ڪري انهن جي باڊي ۾ ان ڪري اهي هائپر ايڪٽيو ٿي ٿيون وڃن، توهان چئي سگهو ٿا ته ان ۾ ڪاوڙ، بدتميزي وغيره اهي شيون اچي وڃن ٿيون. اهو هڪ بائلاجيڪل ميڪنزم آهي، مان هڪ آرٽيڪل پڙهيو ته ان ۾ اهو لکيل هو ته مائرن کي ان عمر ۾ ڌيئرن سان تمام دوستاڻو ورتاءُ رکڻ گهرجي، ڇو ته انهن ۾ جيڪي به ذهني ڪيفيتون آهن، انهن جو هڪڙو متقي جواز آهي، جيڪو انهن جي صحت سان، جسماني تبديلين سان تعلق رکي ٿو، جيڪڏهن ان وقت ڌيءَ جو رشتو ماءُ سان خراب آهي يا ماءُ ڌيءَ تي گهڻي تنقيد ڪري ٿي يا هن سان سختي سان پيش اچي ٿي ته ان ڇوڪري تي ان جو نفسياتي طور تي تمام برو اثر پوي ٿو، ڇوڪري جو جڏهن ٻالڪپڻ ختم ٿئي ٿو ۽ هو بلوغت ۾ داخل ٿئي ٿي ته ان تي پابنديون لڳايون ٿيون وڃن، ظاهر آهي ان کي ٿورو پري رکيو ٿو وڃي، ٻاهر وڃڻ کان يا ان کي ڪجهه شيون سمجهايون ٿيون وڃن ۽ اهو به ڇوڪري جو ذهني ۽ جذباتي طور تي نئون دور ٿئي ٿو، جنهن ۾ اها ڇوڪري گهڻين شين کي سمجهڻ کان قاصر رهي ٿي. ان جي ذهن ۾ ڪيترائي سوال جنم وٺن ٿا ۽ انهن سوالن جو جواب صرف ماءُ ئي ڏئي سگهي ٿي، چوڻ جو مطلب اهو ته جيڪڏهن ماءُ محبت وارو رويو اختيار ڪري ۽ ڌيءَ جي جسماني تبديلي ۽ غذا جو خاص خيال رکي، هڪ ماهر ليڊي ڊاڪٽر جي چواڻي ته جن ڇوڪرين جو 9 سالن کان وٺي 13 سالن تائين غذا جو خاص خيال رکيو ٿو وڃي، ته اهي ڇوڪريون ايندڙ وقت ۾ ڪڏهن به بيماري جو شڪار نه ٿيون ٿين. چاهي شادي کانپوءِ يا ويم دوران انهن جي صحت قابل رشڪ ٿئي ٿي. اهو جيڪو دوستاڻو رويو آهي، اهو ماءُ جي هڪڙي ضرورت آهي پر جيڪڏهن ڇوڪري بدتميزي ڪري ٿي ته ان کي اهو نه سمجهيو وڃي ته اها ماءُ Careless آهي ۽  ان کي ڇڏي ٿي ڏئي پر ائين ناهي، اهو ان جي جسماني تبديلي جي ڪري آهي ته ان کي پيار سان سمجهائڻو آهي، ان جي غذا جوخيال رکڻو آهي، ان کي دوستاڻي طريقي سان سمجهائڻو آهي، اها هڪڙي وقت جي ضرورت آهي، اهو ڪالهه به هو، اڄ به آهي ۽ آئنده به هوندو، باقي هاڻي اهو آهي ته اڄ جي ماءُ ٿوري بولڊ آهي، ڇوڪري سوال ڪري ٿي ان کي جواب ڏئي ٿي، اڳي ائين هوندو هو ته هر شيءِ لِڪائي ويندي هئي، اڳي جيڪا شيءِ لِڪائي ويندي هئي، اها وڌيڪ خطرناڪ هوندي هئي، ٻار ۾ تجسس پيدا ٿو ٿئي، اڳ ۽ اڄ واري ماحول ۾ فرق آهي، جيئن جيئن تعليمي شعور ايندو ٿو وڃي، ماءُ پيءُ ٻار جي نفسيات کي سمجهڻ شروع ڪيو آهي، پهرين اهو هوندو هو ته ماءُ پيءُ ٻار جي نفسيات کي سمجهي نه سگهندا هئا. هو وڌيڪ ٻڌائي ٿي ته جڏهن ڇوڪري وڏي ٿي ٿئي ته ڪيترائي مون اهڙا واقعا ڏٺا آهن ته 9 سالن جون يا 8 سالن جون ڇوڪريون ٻاهر نڪرن ٿيون يا اسڪول وڃن ٿيون ته انهن سان ڪافي غلط قسم جا واقعا ٿين ٿا، هاڻي ڪو- ايجوڪيشن ۾ ڇوڪريون ڇوڪرن سان پڙهن ٿيون ته انهن ۾ اها سجاڳي نه آهي ته انهن سان ڪير به غلط حرڪت ڪري سگهي ٿو يا ڪير به انهن کي جنسي طور تي هيسائي سگهي ٿو، اهڙن معاملن تي ماءُ کي آگاهه ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن ڪو انهن ڇوڪرين سان غلط ڪري ته هو گهر اچي ٻڌائين ۽ ماءُ جو به فرض آهي ته ان کي پنهنجي ڌيءَ کان اسڪول جي ماحول ۽ ٻاهر جي ماحول بابت پڇڻ گهرجي. هو وڌيڪ ٻڌائي ٿي ته مان اڄڪلهه گهرن ۾ جيڪا حالت ڏٺي آهي، مون کي ڏسي ڪري ڏاڍو افسوس ٿيندو آهي، ورڪنگ وومين، جتي زال مڙس ٻئي ڪم ڪن ٿا، مان اها شيءِ به نوٽ ڪئي آهي ته هو پنهنجي جوان ڌيئرن کي نوڪرن جي سرپرستي هيٺ ڏئي ڪري نڪرن ٿا، مان ته هڪ اهڙي عورت به ڏٺي، جيڪا پنهنجي 15 سالن جي ڌيءَ کي گهر ۾ اڪيلو نوڪرن جي نگراني هيٺ ڇڏي ويندي آهي ۽ ان سلسلي ۾ تمام گهڻو خيال رکڻ جي ضرورت آهي، ٻي ڳالهه اها ته ٻار تي سخت نظرداري رکڻ جي ضرورت آهي، ماءُ پيءُ ڏاڍا لاپرواهه آهن، بلڪه ٻار صرف ماءُ جي ذميواري نه آهن پر ان ۾ پيءُ جو به وڏو عمل دخل هئڻ گهرجي، ماءُ ٻار کي پرسڪون رکي ٿي ۽ پيءُ اولاد کي تحرڪ عطا ڪري ٿو، هو وڌيڪ ٻڌائي ٿي ته مان پنهنجي ٻارن سان ڏاڍو فرينڊلي آهيان، بي تڪلف به ڏاڍي آهيان. ائين کڻو چئو ته مان انهن جي بهترين دوست آهيان ۽ ڪڏهن ڪڏهن ماڻهن کي حيرت ٿيندي آهي پر مان پنهنجي ٻارن ۾ ڏسندي آهيان ته ان ۾ هڪڙو Confidence آهي ۽ ان سان ٻار نه ٿا بگڙجن، بي تڪلفي يا دوستاڻي ماحول ۾ به هڪڙي حدبندي هئڻ گهرجي، اهو اسان تي Depend ٿو ڪري ته اسان انهن جي پرورش ڪيئن ٿا ڪريون، بي تڪلفي يا دوستاڻي ماحول جو اهو مطلب ناهي ته هو بدتميزي ڪن ته اسان انهن کي نه ٻڌون اسان انهن کي چئون ته توهان بدتميزي ڪيو، اسان کي انهن کي پيار سان سمجهائڻو آهي. سٺا Manners ۽ اخلاق ڇا هوندا آهن، پيءُ، ماءُ چوندا آهن ته ٻار بدتميزي ٿا ڪن، انهن ۾ کائڻ جي تميز نه آهي، توهان جيڪڏهن آمريڪن يا يورپين ٻارن کي ڏسندا ته هن جي کائڻ ۾ هن جو ڪيچپ به پيو ڪرندو، انهن کان شيون به ڪرنديون پر ان کي ڪوئي ڪجهه نه چوندو. اهو صرف اسان جي معاشري ۾ آهي ته ٻار کائي صحيح نه ٿو ته ٻار بدتميزي ٿو ڪري، ان ڪري ٻار کي هيسايو، هڪ نفسياتي ماهر جو چوڻ هو ته ٻار جانور نه آهن، جن کي سيکاريو وڃي، ٻار انسان آهن، ٻارن کي توهان فطري طور تي اوسرڻ جو موقعو ڏيو. اهي آهستي آهستي هر شيءِ سمجهي ويندا پر جيڪڏهن توهان هڪ ٻار کي ڏينهن ۾ ڏهه دفعا دڙڪا ڏيو ٿا يا ٽوڪيو ٿا ته اهو ٻار خراب ٿيندو، ضدي ٿيندو ۽ اهو ٻار ڪڏهن به پيءُ ماءُ جي ڳالهه نه سمجهندو. هڪ ماءُ جي ڳالهه مان توهان کي ٻڌايان ته هو چوندي هئي، منهنجي ڌيءَ ايترو کلي ڇو ٿي، ٽهڪ ڇو ٿي ڏئي، ان ڇوڪري ۾ هڪ فطري پڻو هو، ان جي ماءُ کي اعتراض هو ته ان ڇوڪري ۾ ايترو فطري پڻو ڇو آهي، هو مشين ڇو نه آهي. ان جا ٻيا ٻار مشيني آهن. مطلب اسين چئون ته هو ”يس امي“ ”يس پاپا“  چوڻ وارا ٻار پر هاڻي ان سان ڇا ٿو ٿئي ته ٻار ۾ هڪ ڊبل اسٽيڊرڊ پيدا ٿي وڃي ٿو، اهي والدين جي سامهون ته سڀ ڪجهه صحيح ڪندا آهن پر انهن جي پٺيان هر شيءِ غلط ڪندا آهن، چوڻ جو مقصد اهو ته پيءُ ماءُ کي اهڙو سخت به اولاد لاءِ نه ٿيڻ گهرجي، جو انهن جا ٻار زندگي جي خوبصورتي کي محسوس نه ڪري سگهن، ڇو ته ٻار ۾ هڪڙي معصوميت ۽ فطري پڻو ٿئي ٿو، توهان ان جي فطري پڻ کي انجواءِ ڪريو توهان ان کي مشين ڇو ٿا بڻايو، توهان انهن کي جانورن وانگر ڇو ٿا سکيا ڏيو، انهن کي ڇڏي ڏيو ته هو شرارتون ڪن، غلط به ڳالهائن پر توهان انهن کي پيار سان سمجهائيندا رهو ۽ هڪڙي ڏينهن هو سمجهي ويندا. هو وڌيڪ ٻڌائي ٿي ته مون ڪجهه گهرن ۾ اهڙا ٻار به ڏٺا آهن، جن جو ماءُ سان واقعي منفي دوستاڻو ماحول آهي. ماءُ جو ڌيئرن سان دوستاڻي ماحول جو اهو اثر آهي ته هو پنهنجي هر ڳالهه توهان سان شيئر ڪن، لِڪائن نه، ڇوڪريون پنهنجن سهيلين جون ڳالهيون به اچي ٻڌائين ۽ اهي ٻار اخلاقي طور تي مضبوط هجن ۽ اهو احساس هجي ته ڇا غلط آهي، ڇا صحيح آهي، ان قسم جي دوستي ۽ نرمي کي مان پسند ڪريان ٿي. سختي ۽ مار سان ٻار ڏاڍو خراب ٿئي ٿو. ڇوڪرا ڇوڪريون جڏهن بلوغت کي پهچن ٿا ته انهن ۾ فطري تجسس ٿئي ٿو، هو موبائيل ۽ انٽرنيٽ جو غلط استعمال ڪن ٿا ۽ ٽي وي تي به غلط پروگرام ڏسن ٿا، هاڻي اتي انهن جي رهنمائي ڪير ڪندو. ظاهر آهي پيءُ، ماءُ ڪندو ۽ پيءُ ماءُ جيڪڏهن سخت رويو رکندا ته هو والدين کان لِڪندا. جيڪڏهن اهڙي ڳالهه سامهون اچي ٿي ته ان کي پيار سان سمجهايو وڃي ۽ والدين کي هوش مندي سان ڪم وٺندي ان ٻار کي گائيڊ ڪرڻو آهي ۽ ان ٻار کي ڪابه سخت سزا ناهي ڏيڻي، ڇو ته اهو تجسس ان عمر جي ضرورت آهي، اهو فطري عمل آهي. ماءُ ٻارن جي رهنمائي ڪري. اخلاقي طور تي غلط ڪم ڪندڙ ٻارن کي جڏهن به سخت سزا ملي آهي، انهن ٻارن اهي شيون وڌيڪ ڪيون آهن ۽ لِڪي ڪيون آهن، ٻار ننڍو آهي ته ان کي پيءُ ماءُ جي ضرورت آهي ۽ وڏو ٿو ٿئي ته ان کي پيءُ ماءُ جي ضرورت ناهي پر نفسياتي طور تي اها ڳالهه ثابت ٿي چڪي آهي ته ٻار کي هر دور ۾ والدين جي ضرورت رهي ٿي ڀلي هو 30 سالن جو ڇو نه هجي. ٻار پارٽ ٽائيم جاب ناهي، ٻار فل ٽائيم جاب آهي. ٻار کي اها غرض نه آهي ته هو ڪمائن پيا. هو گهر ۾ ايندا اسان کي دڙڪا ڏيندا، ماءُ پيءُ کي ٻارن کي گهر ۾ صحتمند ماحول ڏيڻو آهي. 23 سالن جي ايل ايل بي پڙهندڙ ڇوڪري عنبرين ٻڌائي ٿي ته منهنجي امان کي گذاري 10 سال ٿي ويا آهن. امي هوندي هئي ته مان ڏاڍو Relex هوندي هيس، امان مون سان تمام گهڻي فرينڊلي هوندي هئي، آئون سڀئي ڳالهيون پنهنجي امي سان شيئر ڪندي هيس، امي کانپوءِ ته مان پنهنجا مسئلا ڪنهن سان شيئر نه ٿي ڪري سگهان، هاڻي گهر جي ذميواري مون تي آهي، منهنجون سهيليون به آهن پر انهن سان ڳالهيون شيئر ڪرڻ صحيح نه آهي، آئون پنهنجي بابا سان به فري آهيان، ماءُ کانسواءِ گهر قبرستان لڳندو آهي. ماءُ جي هوندي احساس محرومي نه هوندي هئي. هڪ ٻي شاگردياڻي ڪشمالا ٻڌائي ٿي ته منهنجي ماءُ ئي منهنجي سٺي دوست آهي، مان ان سان سڀئي ڳالهيون شيئر ڪندي آهيان ۽ جيڪي ڇوڪريون ڳالهيون پنهنجي امي سان شيئر ڪنديون آهن، اهي اوپن مائينڊڊ هونديون آهن. امي جي دل سان عزت ڪندي آهيان ۽ اسان جي پرورش ئي فرينڊلي ماحول ۾ ٿي آهي.